Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

مهينن جي روزن جو ثواب لکي ڇڏيندو آهي.[1] حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنْه روايت ڪن ٿا، رسولن جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: رَجَب ۾ هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات آهي جيڪو هن ڏينهن روزو رکي ۽ رات جو قيام (يعني عبادت) ڪري ته ڄڻ ان 100 سال جا روزا رکيا، ۽ اها رجب جي ستاويهين تاريخ آهي.[2]

شعبان جي روزن جي فضيلت

پيارا اسلامي ڀائرو! الحمدلله! شعبان المعظم به تشريف کڻي اچڻ وارو آهي. هي مهينو به وڏي فضيلتن ۽ برڪتن وارو آهي، حضور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! هن مهيني ۾ ڪثرت سان نفل روزا رکندا هئا. هن مهيني مبارڪ ۾ به نفلي روزن جي ڪثرت جو ذهن بڻايو!

امُّ المؤمنين حضرت عائشه صديقه، طيبه طاهره رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: حضورِ اڪرم، نورِ مُجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مون شعبان کان وڌيڪ ڪنهن مهيني ۾ روزا رکندي نه ڏٺو، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سواءِ ڪجھ ڏينهن جي پوري مهيني جا ئي روزا رکندا هئا. ([3])

 هڪ ڀيري پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ سوال ٿيو: رمضان کان بعد ڪهڙا روزا افضل آهن؟ فرمايائون: رمضان جي تعظيم جي لاءِ شعبان جا روزا رکڻ. ([4])

     پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحَمۡدُلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ شعبان ۾ به روزن جي بهار هوندي آهي، مختلف مقامن تي سحري اجتماعن جو به اهتمام ڪيو ويندو آهي، مَاشَآءَ اللہ! ڪيئي عاشقانِ


 

 



[1] فضائل شہر رجب للخلال، صفحہ:76، حدیث:18۔

[2] شعب الایمان،جلد:3صفحہ:374،حدیث:3811۔

[3]...ترمذی، کتاب:الصوم، باب:ماجاء فی وصال شعبان برمضان، صفحہ:206، حدیث:736۔

[4]...ترمذی، کتاب: زکوٰۃ، باب: فضیلتِ صدقہ، صفحہ:189، حدیث:663۔