Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

معراج جي سفر جو تحفو

   معراج جي سفر جو نهايت ئي پيارو پيارو تحفو آهي: نماز. بندگي جو حق ادا ڪرڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اسان نماز جي پابندي ڪريون. ڪاش! اڄ اسان هيءَ نيّت ڪري هتان اٿون ته صحيح معنٰي ۾ الله پاڪ جو ٻانهو بڻجڻ جي لاءِ الله پاڪ جو هر حڪم مڃيندُس ۽ خاص ڪري نماز ته بلڪل ڇڏڻي ئي ناهي. روايتن ۾ آهي: معراج جي گهوٽ، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ معراج جي رات اهڙن ماڻهن وٽ تشريف وٺي ويا جن جا مٿا پٿرن سان چٿريا پئي ويا، جڏهن به انهن کي چٿريو ويندو هو ته اهي پهريان وانگر درست ٿي ويندا هئا ۽ هي سلسلو ائين ئي هلندو رهندو هو ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پڇيو: اي جبريل! هي ڪير آهن؟ عرض ڪيائين: هي اهي ماڻهو آهن جن جا مٿا نماز پڙهڻ کان ڳَرا ٿي ويندا (يعني فرض نماز ڇڏي ڏيندا) هئا.[1]

   پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن مٿي ۾ معمولي ڌڪُ لڳي وڃي ته انسان تڙپي ويندو آهي ته معاذَالله نمازون قضا ڪرڻ جي صورت ۾ جيڪڏهن سندس نازڪ مٿو ملائڪن پٿر سان چِٿرڻ شروع ڪري ڇڏيو ته ان جو ڇا ٿيندو! ڪاش! ڪاش! ڪاش! تمام مسلمان پڪا نمازي بڻجي وڃن.

ہو گی دنیا خراب، آخرت بھی خراب            بھائیو! تم کبھی چھوڑنا مت نماز

بےنمازی جہنّم کا حقدار ہے                   بھائیو! تم کبھی چھوڑنا مت نماز

قبر میں سانپ بچھو لپٹ جائیں گے            بھائیو! تم کبھی چھوڑنا مت نماز

سہہ سکو گے نہ دوزخ کا ہرگز عذاب            بھائیو! تم کبھی چھوڑنا مت نماز

دیکھو! اللہ ناراض ہو جائے گا                  بھائیو! تم کبھی چھوڑنا مت نماز


 

 



[1] مسند بزار ،جلد:17،صفحہ:5،حدیث:9518 ۔