Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

وضاحت: اي ظهوري الله پاڪ جا نيڪ ٻانها چئي ويا آهن ته ڪڏهن وڏا وڏا ٻول نه ڳالهايو! بَس عاجزي سان مٿو جهڪائي زندگي گذاري ڇڏڻ، تمام سٺو لڳندو آهي.

(3): صرف ربَّ جا ٿي وڃو!

پيارا اسلامي ڀائرو! الله جو حقيقي ٻانهو يعني صحيح معنٰي ۾عبدُالله بڻجڻ جي لاءِ ٽئين ڳالھ هيءَ ضروري آهي ته ٻانهو هر شيءِ کان جُدا ٿي ڪري صرف الله جو ٿي وڃي. معراج شريف جي روايتن ۾ آهي: جڏهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيا ته الله پاڪ فرمايو: اي پيارا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!  اَنَا وَ اَنْتَ هڪ مان آهيان، هڪ اوهان آهيو. وَ مَا سِوَاکَ خَلَقْتُ لِاَجَلِکَ اوهان کان علاوه ڪائنات ۾ جيڪو ڪجھ آهي، اهو سڀ مون اوهان جي لاءِ پيدا ڪيو آهي.[1]

   سُبْحٰنَ اللہ!  ڇا شان آهي منهنجي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو...!! الله پاڪ جي ساڻس محبت ڏسو! الله پاڪ کانسواءِ جيڪو ڪجھ به آهي، زمين، آسمان، چنڊ، تارا، سج، هي تمام روشنيون، هي سهڻيون فضائون، انسان، جنّ، ملائڪ سڀ ڪجھ الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لاءِ بڻايو آهي. ان ڪري ته اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا:

زمین و زماں تمہارے لئے ، مکین و مکاں تمہارے لئے

چنین و چُناں تمہارے لئے، بنے دوجہاں تمہارے لئے

دَہن میں زباں تمہارے لئے، بدن میں ہے جاں تمہارے لئے

ہم آئے یہاں تمہارے لئے، اُٹھیں  بھی وہاں  تمہارے  لئے [2]


 

 



[1] مکتوباتِ اِمامِ ربانی، دفتردوم،حصہ اوّل، مکتوب:7، جلد:2، صفحہ:855۔

[2] حدائق بخشش، صفحہ:348۔