Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

رسول ڪثرت سان روزا رکندا آهن ۽ مُسلسل روزا رکندي رمضانُ المبارڪ سان ملي ويندا آهن. اوهان به دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ان شاء اللہ الْکَرِیْم! فيضانِ معراج سان گڏوگڏ شعبان المعظم ۽ رمضانُ المبارڪ جون خوب خوب برڪتون نصيب ٿينديون الله پاڪ عمل جي توفيق نصيب فرمائي.

 آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

اعتڪاف جي ترغيب

   پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله!ماھِ رمضان جي آمد آمد آهي. الحمد لله! رمضانُ المبارڪ نهايت برڪتن وارو مهينو، ماھِ رحمٰن، ماھِ نزولِ قرآن ۽ ماھِ غفران آهي.

عَجِّلْ عَجِّلْ یَارمضان                                                                                                                                               جان مِری تجھ پر قربان

آبھی جا ماہِ سُبْحٰن                                 جلدی جلدی آ رمضان

   الله پاڪ اسان کي رمضان جو مهينو ڏسڻ، ان ۾ خوب روزا رکڻ، خوب عبادت ڪرڻ نصيب فرمائي. رمضان مهيني جي هڪ اهم ترين عبادت اعتڪاف به آهي. نفلي اعتڪاف ته ڪهڙي وقت به ڪري سگهجي ٿو پر جيڪو اعتڪاف سنّتِ مؤڪده آهي، اهو رمضان مبارڪ ۾ ئي ٿيندو آهي. پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان پوري رمضان مهيني جو اعتڪاف ڪرڻ به ثابت آهي جڏهن ته آخري ڏهي جو اعتڪاف ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي نهايت محبوب هو، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آخري ڏهي جي اعتڪاف جو نهايت اهتمام فرمائيندا هئا، ايستائين جو هڪ ڀيري ڪنهن سبب رمضانُ المبارڪ ۾ اعتڪاف نه ٿي سگهيو ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ شوال ۾