Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

دين سکڻ، خوب ديني ڪتاب پڙهڻ ۽ علمِ دين جي خاطر سفر ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

 آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

مدني قافلن ۾ سفر ڪندا ڪريو!

  پيارا اسلامي ڀائرو!  الحمد لله! دعوتِ اسلامي علمِ دين جو فيضان عام ڪرڻ واري ديني تحريڪ آهي. دعوتِ اسلامي وارن عاشقانِ رسول سان مدني قافلن ۾ سفر علمِ دين سکڻ ۽ علمِ دين جي سفر جون برڪتون ماڻڻ جو بهترين ذريعو آهي. الحمد لله! * دنيا ڀَر ۾ دين جو پيغام عام ڪرڻ جي لاءِ لکين عاشقانِ رسول مدني قافلن جي صورت ۾ مُلڪ مُلڪ، شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ ويندا ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪندا آهن * مدني قافلن جي برڪت سان ڪيئي ڪافر ڪلمو پڙهي ڪري مسلمان ٿي چڪا آهن * لکين ماڻهن جي زندگي ۾ نيڪين جي بهار آئي آهي * الحمد لله! 3 ڏينهن، 12 ڏينهن، 1 مهيني ۽ 12 مهينن جا قافلا سفر ڪندا رهندا آهن.

 * اوهان به مدني قافلي ۾ سفر ڪندا ڪريو! ان شاء اللہ الْکَرِیْم! کوڙ برڪتون ملنديون * مدني قافلي ۾ فرض علمِ دين سيکاريو ويندو آهي * سنّتون سيکاريون ويندون آهن تهجد پڙهڻ جي سعادت ملندي آهي * نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي * قافلي جي برڪت سان دعائون پوريون ٿيڻ * مشڪلاتون ٽرڻ * بيمارين کان شفا ملڻ جا ڪيئي واقعا آهن * ايئن به ٿيو جو مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ وارن عاشقانِ رسول جي دلداري جي لاءِ پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪرم فرمايو، خواب ۾ تشريف وٺي آيا ۽ قافلي جي شرڪاء کي ديدار جو شرف عطا ڪيائون. * اسان مدني قافلي ۾ سفر ڪيون، ڪهڙي خبر اسان تي به ڪرم ٿي وڃي.

آؤ مدنی قافِلے میں ہم کریں مل کر سفر                سنّتیں سیکھیں گے اس میں ان شاء اللہ