Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

حضرت جبريل عَلَيه السَّلَام! ڇا اوهان ڪجھ ٻڌو ته اتي ڪهڙيون ڪهڙيون راز جون ڳالهيون ٿيون هيون...؟

   پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ معراج واري رات پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڪيترو علم عطا فرمايو: ان جي ڪا خبر ته ناهي، باقي ڪجھ روايتن مان  اندازو ٿيو آهي. جيئن روايت ۾ آهي ته: پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو ته جڏهن مان معراج جي رات غيب جي پردي ۾ پهتس ته منهنجي وات (مبارڪ) ۾ هڪ ڦڙو وڌو ويو، جيڪو برف کان وڌيڪ ٿڌو هو ۽ ڪستوري کان وڌيڪ خوشبودار هو، ان ڦڙي ۾ اوّلين ۽ آخرين (يعني اڳين ۽ پوئين) جو علم موجود هو، جيڪو منهنجي دل ۾ وڌو ويو. ([1])

   اهڙي مفهوم جي هڪ حديث پاڪ ترمذي شريف ۾ به هي، جنهن ۾ پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو ته مشرق ۽ مغرب جي درميان ۾ جيڪو ڪجھ آهي اهو سڀ مون ڄاڻي ورتو. [2]

عالَم میں کیا ہے جس کی کہ تجھ کو خبر نہیں              ذرَّہ ہے کون سا تری جس پر نظر نہیں

یہ عِلْمِ غیب ہے کہ رسولِ کریم نے                خبریں وہ دِیں کہ جن کی کسی کو خبر نہیں

معراج میں خُدا نے بُلایا انہیں جہاں                واللہ! اس جگہ پہ کسی کا گزر نہیں

علمِ دين جي لاءِ سفر ڪيو!

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو معراج جو سفر علم جو سفر آهي. هن ۾ اسان جي لاءِ به سبق آهي، اسان کي به گهرجي ته علم دين سکڻ جي لاءِ سفر ڪندا ڪريون. هن جون کوڙ برڪتون آهن. حضرت ڪَثِير بن قَيۡس رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مان دمشق جي مسجد ۾ صحابيءِ رسول حضرت ابودرداء رَضِىَ اللهُ عَنْه جي خدمت ۾ حاضر هُيس، ان وقت سندن وٽ هڪ شخص آيو، ان عرض ڪيو: اي ابودرداء


 

 



[1]...نَادِرُ المعراج، باب بست و ششم دربیان رسیدن...الخ، فصلِ سوم، صفحہ:277 ملتقطاً۔

[2] ترمذی، کتاب تفسیر القرآن، باب ومن سورۃ ص، صفحہ:747، حدیث:3234۔