Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

ترجمو ڪنزالعرفان: پاڪ آهي اها ذات جنهن پنهنجي خاص ٻانهي کي رات جي ڪجھ حصي ۾ مسجدِ حرام کان مسجدِ اقصٰي تائين سير ڪرايو. [1]

   الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو!  الله پاڪ جا ٻانها ته سڀ ئي آهيون، مان به الله جو ٻانهو آهيان، اوهان به الله جا ٻانها آهيو پر هي منهنجي ۽ اوهان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو خصوصي شان آهي جو ربَّ ڪريم کين عَبْدِہٖ يعني پنهنجو خاصُ الۡخاص ٻانهو فرمايو آهي. قرآنِ ڪريم ۾ ٻيو ڪنهن کي به هي خطاب عطا ناهي ڪيو ويو.

شانِ عبديتِ مصطفٰي

 پيارا اسلامي ڀائرو! هي (يعني عبدُہٗ هجڻ) نهايت ئي اعلٰي شان آهي. عالم سڳورا فرمائن ٿا: جيڪڏهن انسان جي لاءِ ان کان وڌيڪ ڪو مقام هجي ها ته ان خاص قرب ۾ رسولِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اهو ئي مقام عطا ڪيو وڃي ها.[2] ڊاڪٽر اقبال چئي ٿو: [3]

پَیْشِ اُوْ گِیتی جَبِیْں فَرْسُوْدَہ اَسْت                                                      خَوَیْش رَا خُوْد عَبْدُہٗ فَرْمُوْدَہ اَسْت

مفهوم: هي رسولِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن، جن جي حُضور سڄي ڪائنات مٿو جهڪائي ڇڏيو. الله پاڪ خود کيس عَبْدُہٗ (يعني خاصُ الخاص ٻانهو) فرمايو آهي.

عَبْد دِیْگر عَبْدُہٗ چِیْزَے دِگَر                                                                                    مَا سَراپا اِنْتِظَار اُوْ مُنتظِر

مفهوم: ياد رکو! عبد (ٻانهو) ٻي شيءِ آهي، عَبْدُہٗ (يعني خاصُ الخاص ٻانهو) هجڻ ڪجھ ٻيو ئي شان آهي. عَبۡد (يعني ٻانهو) مڪمل انتظار هوندو آهي پر عَبْدُہٗ اهو آهي جنهن جو انتظار ڪيو ويندو آهي.


 

 



[1] سيپارو: 15، بني اسرائيل: 1۔

[2] کتاب المعراج للقُشَیْری، باب ذکر لطائف المعراج، صفحہ:100 بتصرف۔

[3] کلیات اقبال فارسی، جاوید نامہ، فلک مشتری، صفحہ:601، 602 ملتقطاً۔