Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

مان اسان کي هي سبق مليو ته اسان کي هميشه فطرت تي قائم رهڻو آهي. فطرت ڇا آهي؟ دينِ اسلام. يعني اسان کي اسلام تي، اسلامي اخلاق ۽ آداب تي، اسلامي طور طريقي تي هميشه قائم رهڻو آهي. الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.

آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

سُنّتوں سے بھائی رشتہ جوڑ تُو                        نِت نئے فیشن سے منہ کو موڑ تُو

چھوڑ دے سارے غَلَط رَسم و رَواج                سنتوں پر چلنے  کا  کر  عہد  آج [1]

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

(2): معراج جو سفر علمِ دين جو سفر

 پيارا اسلامي ڀائرو! معراج شريف جي حڪمتن مان هڪ حڪمت عالمن سڳورن هيءَ به بيان فرمائي آهي ته معراج جو سفر اصل ۾ مصطفٰي جي دعا قبول ٿيڻ جو نتيجو آهي. اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي حڪم ٿيو:

وَ  قُلۡ  رَّبِّ  زِدۡنِیۡ  عِلۡمًا (۱۱۴)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ عرض ڪر: اي منهنجا ربَّ! منهنجي علم ۾ اصافو فرماءِ [2]

 پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هيءَ دعا گهرندا رهندا هئا: اي منهنجا ربَّ! منهنجي علم ۾ اضافو فرماءِ. جيئن ته الله پاڪ سندن هيءَ دعا قبول فرمائي ۽ خاص اسرار (يعني رازن) جو علم عطا فرمائڻ جي لاءِ معراج تي گهرائي ورتو. [3]


 

 



[1] وسائلِ بخشش، صفحہ:715 ملتقطاً۔

[2] سيپارو: 16، طه: 114۔

[3] کتاب المعراج للقُشَیْری، باب ما قال الشیوخ المتصوفہ...الخ، صفحہ:113 ملخصاً۔