Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

ڇهن ئي پاسي تون بُلند آهين

  پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي هتي هڪ نهايت ئي ايمان افروز نڪتو آهي، معراج جي سفر جي روشني ۾ علمِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وُسعت کي ٿورو سمجهو! حضرت ڪعبُ الاَحبار رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: سِدرةُ المنتهٰي اهو مقام آهي جو تمام ملائڪن، نبين ۽ رسولن جو علم انهيءَ تائين آهي، ان کان اڳتي ڇا آهي؟ ان جو علم الله پاڪ کانسواءِ ڪنهن کي ناهي. [1]

  الله اڪبر! معلوم ٿيو: سِدرةُ المنتهٰي اهو مقام آهي جتي سڀني ملائڪن، نبين، رسولن جي علم جي انتها ٿي ويندي آهي پر منهنجي ۽ اوهان جي آقا، معراج واري گهوٽ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شان ڏسو! ربَّ ڪريم سندن سدرةُ المنتهٰي کان به اڳتي گهرايو ۽ انهن ڳالهين جو علم به عطا فرمائي ڇڏيو، جتي ڪنهن جي پهچ ناهي ٿي.

اعلٰي حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا:

طُورِ موسیٰ، چرخِ عیسیٰ                       کیا مُسَاوِئ دَنیٰ ہو

سب جہت کے دائرے میں                 شش جہت سے تم وَرَا ہو

سب کی ہے تم تک رَسائی                  بارگہ  تک   تم   رَسَا   ہو [2]

وضاحت: حضرت موسٰي عَلَيه السَّلَام ڪوھِ طور تي ربّ ڪريم جو ڪلام ٻڌو، حضرت عيسٰي عَلَيه السَّلَام چوٿين آسمان تي تشريف فرما آهن، هي تمام وڏا رتبا آهن پر آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شان ڏسو! سندن ربَّ ڪريم لامڪان ۾ گهرائي ڪري مقامِ دَنٰي (يعني خاص قرب عطا فرمائي) ڪري بُلند شانَ عطا فرمايا. هن مان معلوم ٿيو، تمام مخلوق جهت (طرف) جي دائري ۾ آهي پر اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جهت جي دائري کان به مٿي اتي تشريف کڻي ويا، جنهن جاءِ تي ”جتي، ڪٿي“ ڪجھ به نه هو. سڀني جي رسائي يعني پهچ محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تائين آهي


 

 



[1] تفسیر درمنثور، پارہ:27، سورۂ نجم، زیرِ آیت:14، جلد:7، صفحہ:650۔

[2] حدائقِ بخشش، صفحہ342 ملتقطاً۔