Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

روايتون ٻڌون ۽ انهن کان بندگي جا آداب سکون.

پياري آقا جي هڪ خصوصيت

   اها ئي وجھ آهي جو قرآنِ پاڪ ۾ جتي جتي معراج جو ذڪر ٿيو، اتي پاڻ    صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عبديت واري وصف کي ذڪر ڪيو ويو آهي. مثال طور الله پاڪ ارشاد فرمايو:

سُبۡحٰنَ الَّذِیۡۤ  اَسۡرٰی بِعَبۡدِہٖ

ترجمو ڪنزالعرفان: پاڪ آهي اها ذات جنهن پنهنجي خاص ٻانهي کي رات جي ڪجھ حصي ۾ مسجدِ حرام کان مسجدِ اقصٰي تائين سير ڪرايو.[1]

+سورتِ نجم ۾ معراج جو بيان ٿيو اتي به فرمايو:

فَاَوْحٰۤى اِلٰى عَبْدِهٖ

ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ ان پنهنجي ٻانهي کي وحي فرمائي جيڪا ان وحي فرمائي. [2]

    روايت ۾ آهي: معراج واري رات جڏهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي       صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيا ته الله پاڪ فرمايو: بِمَ اُشَرِّفُکَ يعني اي پيارا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اڄ اوهان کي ڪهڙي شرف سان نوازيان؟ عرض ڪيائون: اي ربَّ ڪريم! مون کي پنهنجي طرف بندگي جي نسبت عطا فرماءِ. ان تي الله پاڪ هيءَ آيتِ ڪريمه نازل فرمائي، ارشاد ٿيو: [3]

سُبۡحٰنَ الَّذِیۡۤ  اَسۡرٰی بِعَبۡدِہٖ


 

 



[1] سيپارو: 15، بني اسرائيل: 1۔

[2] سيپارو: 27، سورة النجم: 10۔

[3] تفسیرِ کبیر، پارہ:15، سورۂ بنی اسرائیل،  زیر آیت: 1، جلد:7، صفحہ:292۔