Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

تیس تیس اور بارہ بارہ دن کے مدنی قافِلے            میں سفر کرتے رہو جب بھی تمہیں موقع ملے

مجھ کو جذبہ دے سفر کرتا رہوں پروَردگار             سنتوں کی تربیت کے قافلے میں بار بار [1]

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

(3): معراج جو سفر ۽ بندگي جو درس

   پيارا اسلامي ڀائرو! معراج جي سفر جي حڪمتن بابت عُلماءِ ڪرام هي به فرمائن ٿا ته هي سفر بندگي جو سفر هو. جيئن ته شيخ ابو علي دقّاق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: الله پاڪ رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي دنيا ۾ موڪليو ته جيئن ماڻهو پاڻ کان عبادت جا طريقا سکن ۽ معراج واري رات آسمانن تي گهرايو ته جيئن ماڻهو پاڻ کان بندگي جا آداب سکي وٺن. [2]

   يعني الله اسان جو ربّ آهي، اسان ان جا عبد (يعني ٻانها) آهيون، اُن ٻانهي ٿيڻ جا به ته ڪجھ آداب آهن. اڄڪلھ اخلاق ۽ آداب تي تمام گهڻي ڳالھ ٿيندي آهي * والدين جا آداب * اولاد جا آداب * ڊاڪٽر جا آداب * مريض جا آداب * دڪاندار جا آداب * گراهڪ جا آداب * کائڻ جا آداب * پيئڻ جا آداب * هلڻ جا آداب * سمهڻ جا آداب * هر شيءِ * هر منصب * هر عهدي جا الگ الگ آداب آهن. مطلب ته * اسان ڪجھ به آهيون * ڪهڙي به منصب تي آهيون * ڪهڙي به عهدي تي آهيون     * اسان جو معاشري ۾ جيڪو به اسٽيٽس آهي، انهن سڀني کان پهريان اسان عبدُ الله (يعني الله پاڪ جا ٻانها) آهيون ته ان جي بندگي جا به ته آداب آهن. انهن اَدبن کي به ته سکڻو آهي. بهرحال الله ڪريم پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي معراج ڪرايو، ان پوري سفر ۾ پاڻ ڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي عَبۡدِيَّت جو غلبو هو ۽ ان ۾ حڪمت هي آهي ته اسان معراج جي سفر جا احوال پڙهون، ان جون


 

 



[1] وسائلِ بخشش، صفحہ:635۔

[2] کتاب المعراج للقُشَیْری ، باب ذکر الاسئلۃ فی المعراج، صفحہ:69۔