Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

کان پوءِ جيڪو هن فطرت کان منهن موڙي ڪري ڪنهن ٻئي طرف رُخ ڪري ٿو ته اهو شيطان جي چَنبي ۾ ڦاٿل آهي.[1]

هر انسان فطرت تي پيدا ٿيندو آهي

   حديثِ پاڪ ۾ آهي: مَا مِنْ مَوْلُودٍ إِلَّا ‌يُولَدُ ‌عَلَى ‌الْفِطْرَةِ، فَأَبَوَاهُ يُهَوِّدَانِهِ، أَوْ يُنَصِّرَانِهِ يعني ٻار فطرت تي ئي پيدا ٿيندو آهي، هي ان جا ماءُ پيءُ آهن جيڪي ان کي يهودي يا نصراني بڻائي ڇڏيندا آهن. [2]

   مشهور مُفسرِ قرآن مُفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: فطرت مان مُراد آهي: اصلي ۽ پيدائشي حالت. يعني هر انسان ايمان (۽ دينِ اسلام) تي پيدا ٿيندو آهي، پوءِ هوش سنڀالڻ کان پوءِ جيئن پنهنجي والدين ۽ ساٿين کي ڏسندو آهي، اهڙو ئي بڻجي ويندو آهي.

 پيارا اسلامي ڀائرو! هن قرآني آيت ۽ حديثِ نبوي مان معلوم ٿيو: اسان مخلوق آهيون ۽ اسان جي خالق، اسان کي خلقڻ واري ربَّ ڪريم اسان کي ڊيزائن ئي اهڙي انداز تي ڪيو آهي جو دين، ايمان، توحيد، هي سڀ ڪجھ اسان جي فطرت ۾ رکيو ويو آهي.[3]

سمنڊ ۾ اميد ڪنهن سان لڳائي...!!

   اهلِ بيت پاڪ جي مشهور و معروف شخصيت حضرت امام جعفر صادق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وٽ هڪ ڀيرو هڪ دَهريو (يعني خُدا جي وجود جو انڪاري) اچي ويو، امام جعفر صادق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان کان پڇيو: ڇا تو ڪڏهن سمنڊ ۾ سفر ڪيو آهي؟ چيائين: جي ها! ڪيو آهي. فرمايائون: ڇا ڪڏهن سمنڊ ۾ ڪو خوفناڪ حادثو به


 

 



[1] تفسیرِ نسفی، پارہ:21، اَلْرُوم، زیرِ آیت:30، جلد:2، صفحہ:699خلاصۃً۔

[2] بخاری، کتاب الجنائز، باب اذا اسلم الصبی...الخ، صفحہ:380، حدیث:1358۔

[3] مرآۃ المناجیح، جلد:1، صفحہ:100بتصرف قلیل۔