Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

اعتڪاف فرمايو.[1]

اعتڪاف جا فضائل

              اُمُّ المُؤمِنِين حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها کان روايت آهي: مَنْ اِعْتَکَفَ اِیْمَاناً وَ اِحْتِسَابًا غُفِرَ لَہٗ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِہٖ يعني جنهن ايمان سان ۽ ثواب حاصِل ڪرڻ جي نيت سان اعتڪاف ڪيو ان جا گذريل گناھ بخشيا ويندا.[2] * هڪ حديثِ پاڪ ۾ فرمايائون: جنهن رمضان المبارڪ ۾ 10 ڏينهن جو اعتڪاف ڪيو اهو ايئن آهي جيئن 2 حج ۽ 2 عمرا ڪيائين.[3]

اجتماعي سنّت اعتڪاف جي ترغيب

   پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دنيا ڀَر ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي، فيضانِ رمضان ماڻڻ، گناھن کان بچڻ ۽ نيڪ نمازي بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو. الحمدلله! دعوت اسلامي جي تحت سڄي دنيا ۾ هزارين هنڌن تي آخري عشري جو اجتماعي سنت اعتڪاف ڪرايو ويندو آهي، هن سال ان شاء اللہ الْکَرِیْم! پاڪستان ۾ 26 هنڌن تي رمضان المبارڪ جي پوري مهيني جو اجتماعي اعتڪاف ڪرايو ويندو. اوهان به ڪوشش ڪريو! پوري مهيني جي اعتڪاف ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيو! بلڪه عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه (ڪراچي) ۾ اعتڪاف ڪيو! اتي ان شاء اللہ الْکَرِیْم! شيخ طريقت، امير اهلسنت مولانا محمد الياس قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ به تشريف فرما هوندا، توهان به اعتڪاف ڪيو. جيڪڏهن توهان کي وقت جي


 

 



[1] بخاری،کتاب الاعتکاف،باب الا عتکاف فی الشوال ،  صفحہ:533،حدیث:2041۔

[2] جَامِع صغِیر، صفحہ:516، حدیث:8480۔

[3] جَامِع صغِیر، صفحہ:516، حدیث:8479۔