Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

رَضِىَ اللهُ عَنْه! مون کي معلوم ٿيو ته اوهان پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هڪ حديث بيان فرمايو ٿا: مان اها حديثِ پاڪ سکڻ جي لاءِ مديني پاڪ کان آيو آهيان.

   (الله اڪبر! علمِ دين جي شوق جو اندازو لڳايو! مديني پاڪ کان دمشق تائين هڪ هزار ڪلو ميٽر کان وڌيڪ فاصلو آهي ۽ ان دور ۾ ته گاڏيون ۽ جهازَ به نه هئا، پيادل يا جانورن تي سفر ٿيندو هو، اهي صاحب ايترو پري کان سفر ڪري آيا ۽ آيا ڇو هئا؟ ٻڌو!)

حضرت ابودرداء رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: ڇا تون واپار جي لاءِ ناهين آيو؟ عرض ڪيائين: نه. فرمايائون: واپار کان علاوه (دمشق ۾) توکي ڪو ٻيو ڪم هجي، جنهن جي لاءِ تون آيو آهين؟ عرض ڪيائين؟ نه (مان ته صرف حديثِ رسول سکڻ جي لاءِ ايترو پري کان حاضر ٿيو آهيان، ان کان علاوه منهنجو ڪو ٻيو مقصد ناهي) ان تي حضرت ابو درداء رَضِىَ اللهُ عَنْه طالبِ علمِ دين جا فضائل بيان ڪندي فرمايو: مون الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فرمائيندي ٻڌو: * جيڪو علمِ (دين) سکڻ جي لاءِ ڪنهن رستي تي هلي، الله پاڪ ان جي لاءِ جنّت جو رستو آسان فرمائي ڇڏيندو آهي * بيشڪ ملائڪَ طالبِ علمِ (دين) سان خوش ٿي ڪري، ان جي لاءِ پنهنجا پَرَ وڇائي ڇڏيندا آهن * بيشڪ زمين ۽ آسمان جي تمام مخلوق، ايستائين جو پاڻيءَ ۾ مَڇون به طالبِ علمِ (دين) جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪنديون آهن * بيشڪ عالِم جي فضيلت عبادت گذار تي ايئن آهي جيئن چوڏهين رات جي چنڊ جي فضيلت تارن تي * بيشڪ عالم انبياءَ جا وارث آهن، بيشڪ انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام ورثي ۾ درهم ۽ دينار (يعني مال ۽ دولت) ناهن ڇڏيندا، انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام ته ورثي ۾ صرف علم ڇڏيندا آهن، بَس جنهن علمِ (دين) حاصل ڪيو، ان وڏو حصو حاصل ڪري ورتو. [1]

 سُبْحٰنَ اللہ! طالبِ علمِ دين جا به ڇا ته نرالا شانَ آهن. الله پاڪ اسان کي به علمِ


 

 



[1] ترمذی، ابواب العلم، باب ماجاء فی فضل الفقہ...الخ، صفحہ:631، حدیث:2682۔