Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

رسولِ پاک کے حق میں تو یہ بھی تھوڑا ہے                                                                جو اُن کے نام پہ اٹھوں پھر درود پڑھو[1]

   سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته شان آهي اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو...!! پاڻ اهڙي شان وارا آهن جو سندن ربّ ڪريم، تمام جهانن جو خالق ۽ مالڪ سندن مٿان دُرود موڪلي ٿو.

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به دُرودِ پاڪ جي ڪثرت ڪرڻ گهرجي، اڄ شبِ معراج آهي ۽ هڪ قول هي به آهي ته آيتِ دُرود يعني

اِنَّ اللّٰہَ وَ مَلٰٓئِکَتَہٗ  یُصَلُّوۡنَ عَلَی النَّبِیِّ ؕ یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا صَلُّوۡا عَلَیۡہِ  وَ سَلِّمُوۡا  تَسۡلِیۡمًا (۵۶)

ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ الله ۽ ان جا ملائڪ نبيءَ تي درود موڪلين ٿا. اي ايمان وارؤ! ان تي درود ۽ خوب سلام موڪليو. [2]

انهيءَ رات نازل ٿي.[3] يعني هن قول جي مطابق هي پياري پياري آيت شبِ معراج جو تحفو آهي. تنهنڪري اڄوڪي رات خاص طور تي ۽ هن کان علاوه سڄي زندگي اٿندي ويهندي هلندي ڦرندي ڪثرت سان دُرود پڙهندو رهڻ جي عادت بڻايو! ان شاء اللہ الْکَرِیْم! ان جون کوڙ برڪتون نصيب ٿينديون. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ.

ہر درد کی دوا ہے صلِّ عَلیٰ مُحَمَّد                                                                   تعویذِ ہر بلا ہے صلِّ عَلٰی مُحَمَّد

محبوبِ کبریا ہے صلِّ عَلیٰ مُحَمَّد                                                                     کیا نقشِ خوشنما ہے، صلِّ عَلٰی مُحَمَّد

قربِ خُدا ہو حاصِل، جنّت میں ہو وہ داخِل                                      جس نے لکھا پڑھا ہے صلِّ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1] نورِ ایمان، صفحہ:56، 57 ملتقطاً۔

[2] سيپارو: 22، الاحزاب: 56۔

[3] القول البدیع، الباب الاوّل فی الامر بالصلاۃ...الخ، صفحہ:43۔