Book Name:Meraj e Mustafa Mein Seekhnay Ki Baatein

هي الله پاڪ جي پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان ڪمال محبت آهي. هاڻي اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ عرض ڪيو؟ ٻڌو! اَللّٰہُمَّ اَنْتَ وَ مَااَنَا اي منهنجا الله پاڪ! هڪ تون ئي ته آهين مان ناهيان. وَ مَا سِویٰ ذٰالِکَ تَرَکْتُ لِاَجَلِکَ ۽ ان کان علاوه جيڪو ڪجھ آهي مون تنهنجي رضا جي لاءِ ڇڏي ڏنو.[1]

   سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي منهنجي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شانِ عبديت ۽ ڪمالِ بندگي...!! محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڀ ڪجھ پنهنجي ربَّ جي رضا جي لاءِ ڇڏي ڏنو. هڪ اسان آهيون * اسان کان ڪجھ روپيه نه ٿا ڇڏجي سگهجن، نماز جي وقت ڏھ منٽن جي لاءِ دڪان بند ناهيون ڪري سگهندا * نوڪريءَ جو بهانو بڻائي ڪري نمازون قضا ڪيون وينديون آهن * الله پاڪ جي رضا جي لاءِ ننڊ قربان ناهي ٿي سگهندي * الله پاڪ جي رضا جي لاءِ وقت ناهي ڏنو ويندو، نيڪ ڪمن جي لاءِ وقت ناهيون ڪڍي سگهندا * الله پاڪ وياج خورن سان اعلان جنگ فرمايو آهي، ڪيترا ئي اهڙا آهن جيڪي لالچ ۾ اچي ڪري وياج جي ڏيڻ وٺڻ ۾ وڃي پوندا آهن * گناھ ناهن ڇڏيندا * الله پاڪ جي نافرماني کان ڊڄي ڪري موبائل ۽ سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ناهيون ڇڏي سگهندا
 * خواب اسان جا وڏا وڏا آهن، بَس انهن جي پٺيان ڊوڙي رهيا هوندا آهيون، ڪار به وٺڻي آهي، بنگلو به ٺاهڻو آهي، بينڪ بيلنس به وڌائڻو آهي، وڏي کان وڏو عهدو به وٺڻو آهي، نيڪ ڪمن جي لاءِ وقت ئي ناهي.

   ڪاش! اسان صحيح معنٰي ۾ الله پاڪ جا ٻانها بڻجي وڃون. الله پاڪ جي رضا وارا ڪم ڪرڻ اسان جي زندگي جو مقصد بڻجي وڃي. ڪاش! بندگي جو ذوق نصيب ٿي وڃي.

 آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ


 

 



[1] مکتوباتِ اِمامِ ربانی، دفتردوم،حصہ اوّل، مکتوب:7، جلد:2، صفحہ:855۔