Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

تمام تَوَجُّھ سان، ذوق ۽ شُوق سان نهايت چڱي طرح عبادت ڪندا هئا* حضرت داؤد طائي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ايترو ته خشوع و خضوع سان نماز پڙهندا هئا جو اُس مٿي تي اچي ويندي هئي پر کين گرمي جو احسان نه ٿيندو هو. [1]* حضرت مُسلم بن يسار رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  هڪ ڀيرو نماز پڙهي رهيا هئا. اوچتو سندن ويجهو ئي ڪنهن سبب باھ ڀڙڪي پئي، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه نماز ۾ ايئن محو هئا جو کين باھ لڳڻ جو احساس ئي نه ٿيو، ايستائين جو ماڻهن اچي باھ وسائي.[2] *حضرت عبدالله بن زبير رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جڏهن سجدي ۾ ويندا هئا ته ايترو ڊگهو سجدو ڪندا هئا جو جهرڪيون سندن پُٺي مبارڪ کي ڀت جو حصو سمجهي ڪري ان تي ويهي رهنديون هيون.[3] *حضرت امام محمد بن اسماعيل بخاري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ڏينهن نماز پڙهي رهيا هئا ماکيءَ 17 مختلف جڳهين تي ڏنگ هنيا، نماز مڪمل ڪرڻ کان پوءِ فرمايائون: ڏسو ته هي ڪهڙي شيءِ آهي؟ ڏٺو ويو ته سندن پُٺي مُبارڪ 17 جڳهن تي سُڳل هئي.[4] *حضرت عبدالله بن زُبير رَضِىَ اللهُ عَنْهُ نماز ۾ خشُوع و خضوع جي ڪري اهڙي طرح بيهندا هئا جو ايئن محسوس ٿيندو هو ڄڻ ڪا ڪاٺي آهي.[5]

سُبْحٰنَ اللہ! الله پاڪ اسان کي به اهڙي پياري انداز ۾ عبادت ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي. امير اهلِ سنت مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جي نهايت پياري ڪتاب آهي: فيضان نماز. هي ڪتاب هر ماڻهو جي ضرورت آهي. سڀني کي پڙهڻ گهرجي، ان ۾ خشوع و خُضوع جي متعلق به هڪ مڪمل باب آهي، امير اهل سُنت خشوع و خضوع سان نماز پڙهڻ جا آسان طريقا به لکيا آهن. هي ڪتاب مڪتبة المدينه  تان طلب فرمايو! يا دعوت اسلامي جي آفيشل ويب سائيٽ www.dawateislami.net تان مُفت ۾ ڊائون لوڊ ڪيو! ان کي پڙهو!


 

 



[1] سبع سنابل(مترجم)، صفحہ:199مفہوماً۔

[2] الزہد لاحمد بن حنبل، اخبار مسلم بن یسار، صفحہ:301، رقم:1405۔

[3] تاریخ مدینہ دمشق، جلد:28، صفحہ:170۔

[4] ھدی الساری مقدمۃ فتح الباری، ذکر سیرتہ وشمائلہ وزھدہ، صفحہ:673۔

[5] فیضان نماز، صفحہ:391۔