Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

جيئن پنهنجي قوم جي نيڪ شخص کان حيا ڪندو آهين.[1]

هي نهايت زبردست نصيحت آهي. اسان پنهنجي باري ۾ غور ڪيون * ڪو نيڪ شخص اسان کي ڏسي رهيو هجي ته ڇا اسان گاريون ڏيندا آهيون؟ ناهيو ڏيندا.*ڇا اسان بي شرمي واريون ڳالهيون ڪندا آهيون؟ نه. *موبائل تي غلط ۽ گناهن واريون شيون ڏسندا آهيون؟ ناهيون ڏسندا. خدا ڪري، جيڪڏهن اسان کي هڪ ڏينهن، صرف هڪ ڏينهن ڪنهن نيڪ پرهيزگار ٻانهي سان گذارڻ نصيب ٿي وڃي ته اسان پاڻ غور ڪري وٺنداسين ته ڪيترا اهڙا روزانو جا ڪم هوندا جيڪي اسان هن نيڪ ٻانهي سان گڏ هجڻ جي ڪري نه ڪنداسين. هي هڪ نيڪ ٻانهي جو اسان کي ڏسڻ جو اثر آهي. پوءِ الله پاڪ ته هر وقت ئي اسان کي ڏسي رهيو آهي، اهو ته اسان جي ساھ واري رڳ کان به وڌيڪ ويجهو آهي. جڏهن هڪ ٻانهي کان اسان ايتري حيا ڪيون ٿا بلڪ ٻانهو به پري جي ڳالھ، ڪيمره لڳل هجي ته اسان کوڙ سارن گناهن ۽ غلط ڪمن کان پاڻ کي بچائي وٺندا آهيون ته الله پاڪ کان اسان کي ڪيتري حيا ڪرڻ گهرجي....!! اهو اسان جو ربّ آهي، اسان جو مالڪ آهي، اسان جو خالق آهي، ٻانهو اهو سوچي ڪري ته مون کي ڪوبه نٿو ڏسي، گناهن ۾ پئجي وڃي ۽ الله پاڪ ڏسي رهيو آهي، ان ڳالھ جي ڪا پرواھ ئي نه ڪري، ڪيتري شرم جي ڳالھ آهي...!! اسان کي گهرجي ته اسان تنهائي ۾ به ۽ ماڻهن جي سامهون به هرحال ۾ الله پاڪ جا فرمانبردار ئي رهون.

چُھپ کے لوگوں سے کئے جس کے گناہ                               وہ خبردار ہے کیا ہونا ہے

ارے او مجرم بے پروا دیکھ                                                                                              سر پہ تلوار ہے کیا ہونا ہے([2])

 


 

 



[1]...شُعَبُ الْاِیمان، باب الحیاء، جلد:6، صفحہ:146، حدیث:7738۔

[2]...حدائق بخشش، صفحہ:167۔