Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

هڪ ڏينهن حضرت سعد بن ابي وقاص رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  پنهنجي جانورن جي سارسنڀال فرمائي رهيا هئا ته سندن پٽ عمر بن سعد آيو ۽ چيائين: بابا سائين....! اوهان هتي اُٺ ٻڪرين جي سارسنڀال لهي رهيا آهيو جڏهن ته هوڏانهن ماڻهو خلافت جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، حضرت سعد بن ابي وقاص رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  پنهنجي پٽ جي سيني تي هٿ هڻي فرمايو: اُسْکُتْ چپ ٿي وڃ...! پوءِ پاڻ هڪ حديث شريف ٻڌائي، فرمايائون: مون آّخري نبي رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم   کي فرمائيندي ٻڌو ته اِنَّ اللہَ یُحِبُّ الْعَبْدَ التَّقِیَّ الْغَنِیَّ الْخَفِیَّ بيشڪ الله پاڪ تقويٰ واري، غني ۽ گمنام ٻانهي کان محبت فرمائيندو آهي.[1]

سُبْحٰنَ اللہ!  خبر پئي: گمنامي به هڪ نعمت آهي. الله پاڪ گمنام ٻانهي کي پسند فرمائيندو آهي. افسوس...!! اڄڪلھ اسان جي حالت تمام خراب آهي. سَستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ اڳڀرا نظر اچون ٿا* ڇا شهري * ڇا ڳوٺاڻو * ڇا ننڍو * ڇا وڏو، هڪ وڏي تعداد آهي جيڪا مختلف سيلفي ٺاهي سوشل ميڊيا جي ذريعي شهرت حاصل ڪرڻ ۾ لڳل آهي، ڪجھ ته فضُول ۽ ڪجھ گناهن ڀريون ويڊيوز بڻائي ڪري پاڻ کي مشهور ڪرڻ جي چڪرن ۾ آهن، افسوس! اسان ڪپڙا خريد ڪندا آهيون ته هي ذهن رکي ڪري ته اهڙا ڪپڙا هجن جو جيڪو ڏسي سو واھ واھ ئي ڪندو رهجي وڃي، خوشبو خريدڻي هجي ته اهو ذهن هوندو آهي ته بس لڳائي ڪري جتان کان هڪ ڀيرو گذري وڃان، اهي فضائون مهڪڻ لڳن، افسوس! اسان پيرن ۾ پائڻ جا جوتا پسند ڪرڻ ۾ به ان جي لاءِ ڪلاڪ لڳائي ڇڏيندا آهيون ته اهڙو جوتو هجي جو جيڪو ڏسي بس ڏسندو ئي رهجي وڃي. شادي جي موقعي تي ڏيکاءُ، عيد هجي ته ڏيکاءُ. ڪاش...!! شهرت طلبي جهڙي هلاڪت ۾ وجهڻ واري  باطني بيماري کان جان ڇُٽي وڃي، ڪاش! اسان الله پاڪ جي رضا ماڻڻ وارا بڻجي وڃو، ڪاش! زندگي رضائي الٰهي وارن ڪمن ۾ گذارڻ وارا بڻجي وڃون. حديث شريف ۾ آهي: 2 بکايل بگڙ


 

 



[1] مسلم، کتاب الزہد، صفحہ:1135، حدیث:2965۔