Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

آهي. ([1])

ان کان بعد مون (عارف قادري) کي مخاطب ڪندي فرمايائون: عارف! منهنجي ويجهو ته ڏاڙهي واجب کان به ڪجھ مٿي آهي. عارف قادري چون ٿا: مون انهيءَ ڏينهن تازي تازي ڏاڙهي ڪٽرائي هئي، سندن فرمان ٻڌي ڪري ڏاڍي شرمندگي ٿي، جسم پگهر سان پُسي ويو، دل تي خوفِ خُدا جو غلبو هو، زبان مان ڪجھ ڳالهائي نه پئي سگهيس، مون دل ئي دل ۾ ڏاڙهي ڪٽائڻ کان توبھ ڪري ورتي.

عارف قادري چون ٿا: صبح جو مونکي هڪ سفر تي وڃڻو هو، مون گاڏي ۾ دوستن مائٽن کي هي واقعو ٻڌايو ته انهن مان به 4 ماڻهن ڏاڙهي ڪٽائڻ کان توبھ ڪري ورتي. ([2])

پيارا اسلامي ڀائرو: ڏاڙهي ڪٽائڻ يا هڪ مٺ کان گهٽائڻ ٻئي حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارا ڪم آهن. ([3]) افسوس! هي گناھ ته معاشري ۾ نهايت ئي عام آهي ۽ هن جو سبب ڇا آهي؟ صرف فيشن پرستي. ڪاش! اسان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون پياريون پياريون سنتون اپنايون، ڏاڙهي به رکون، زلف به رکون،  اسان جي خوش نصيبي جو عمامو ٻڌڻ به نصيب ٿي وڃي، ڪاش! گناھن کان نفرت ۽ نيڪين سان محبت ملي وڃي.

اميرِ اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ لکن ٿا: ڪوئٽه جي هڪ ويجهي ڳوٺ ۾ ڪنهن ڏاڙهي ڪوڙيل نوجوان جو لاوارث لاش مليو. ضروري ڪاروائي کان بعد ماڻهن گڏجي ان کي دفنائي ڇڏيو. ايتري ۾ مرحوم جا وارث ڳولها ڪندي اچي ويا ۽ انهن ماڻهن جي سامهون پنهنجي هن خواهش جو اظهار ڪيو ته اسان هن پنهنجي رشتيدار جي قبر پنهنجي ڳوٺ ۾ ٺاهڻ چاهيون ٿا. جيئن ته قبر تان مٽي کوٽي ڪري هٽائي وئي ۽ جڏهن


 

 



[1]... دلائل النبوہ للاصبہانی، الفصل السابع عشر...الخ، صفحہ:207، رقم:241۔

[2]... سیدی ضیاء الدین احمد القادری، جلد:1، صفحہ:777-779 ملخصاً۔

[3]...   فتاویٰ رضویہ ، جلد:22، صفحہ:581۔