Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

4 ذو الحج، 1401ھ (بمطابق 10 فيبروري، 1981ء) جمعي جي ڏينهن مسجدِ نبوي شريف جي مؤذِن جڏهن الله اڪبر، الله اڪبر چئي ڪري اذان شروع ڪئي، ان سان گڏوگڏ ئي سيدي قطبِ مدينه رحمة الله عليه ڪلمو شريف پڙهيو ۽ کين روح پرواز ڪري ويو. غسل شريف کان بعد ڪفن وڇائي ڪري مٿي مبارڪ جي هيٺان پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سنهري ڄارين جي اندروني حصي جي مٽي مبارڪ رکي وئي ۽ مختلف تبرڪات رکيا ويا، پوءِ ڪفن شريف ٻڌو ويو. عصر جي نماز کان بعد قصيده بُرده شريف جي جهونگار ۾ جنازو مبارڪ کنيو ويو.

عاشق کا جنازہ ہے  ذرا دھوم سے  نکلے

محبوب  کی گلیوں میں ذرا گھوم کے  نکلے

    آخرڪار بي شمار سوڳوارن جي موجودگي ۾ بقيع پاڪ ۾ شهزاديءِ ڪونين سيّده فاطمةُ الزهرا رَضِىَ اللهُ عَنْها جي مزار شريف کان صرف 2 گزن جي فاصلي تي دفن ڪيو ويو. الله پاڪ جي انهن تي رحمت هجي ۽ انهن جي صدقي اسان جي بي حساب بخشش ٿئي. ([1])

عشق کا پیکر شَرع کا پاسباں جاتا رہا                                             منزلِ مَقْصُود کا روشن نشاں جاتا رہا

روتے ہیں چھوٹے بڑے، ان کا دُعا گو چل بسا     اہلِ سنّت کا کفیل اور پاسباں جاتا رہا

وہ رہا تو برکتیں ہی برکتیں تھیں بزم میں                           وہ گیا تو برکتوں کا اِک جہاں جاتا رہا

گھس نہ آئے کارواں میں اِختلاف و اِنتشار        ہو الٰہی خیر، میرِ کارواں جاتا رہا

وہ کہ جو اوروں کے غم میں دل سے ہوتا تھا شریک       وہ کہ جس کی تھی بہت میٹھی زباں جاتا رہا

وہ نبی کا تھا چہیتا، غوث کا تھا لاڈلا                                                    اپنے پیر و مرشد کا دُلارا، مدح خواں جاتا رہا

ہائے وہ کیسا ہمارے سر سے سایہ اُٹھ گیا         جس کے اُٹھ جانے سے سب آرامِ جاں  جاتا رہا([2])


 

 



[1]...    سیدی قطبِ مدینہ، صفحہ: 17، 18۔

[2]... سیدی ضیاء الدین احمد القادری، جلد:2، صفحہ:329۔