Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat
جي زينت آهن.[1]
یا سخی سُلطان دَاتا فیض تیرا عام ہے میں کرم کا مُنْتَظِر ہوں خالی میرا جام ہے
تیرے جلوئوں کی ضیاء ہے میرے دل میں موجزن تیرے جلوئوں کی ضیاء ہی رہنما ہر گام ہے
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهن حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه...!! اڃا ننڍپڻ ۾ آهن، اڃا ولايت جا بلند درجا طئي ناهن ڪيا، انهيءَ وقت کان اهو عالم آهي جو ڏسندڙ گواهي ڏين ٿا ته هي ٻار الله پاڪ طرف راغب( مائل) آهي.
افسوس! اسان جو حال بيحال آهي. * اسان کي رغبت آهي ته کاڌي پيتي جي * اسان کي رغبت آهي ته قيمتي لباس جي * اسان کي رغبت آهي ته مال ۽ دولت جي رغبت آهي * ڪوٺي، بنگلي ۽ گاڏين جي رغبت آهي * بئنڪ بيلنس جي رغبت آهي * عيش و عشرت جي رغبت آهي * سير و تفريح جي رغبت آهي * سوشل ميڊيا (Social media) جي رغبت آهي * لائيڪ وڌائڻ، مشهور ٿيڻ جي رغبت آهي * ناهي ته نماز جي رغبت ناهي * روزن جي رغبت ناهي * علم دين سکڻ سيکارڻ جي رغبت ناهي * نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي رغبت ناهي * مدني قافلن ۾ وڃڻ جي رغبت ناهي * مدرسة المدينه بالغان ۾ قرآن پاڪ پڙهڻ پڙهائڻ جي رغبت ناهي * تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جي رغبت ناهي * افسوس! قبر چمڪائڻ، الله پاڪ کي رجهائڻ ۽ آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي رغبت ناهي.
ڪاش! داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو فيضان نصيب ٿي وڃي ۽ اسان به الله پاڪ طرف راغب( مائل) ٿي وڃون.