Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

داتا حُضُور گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو مختصر تعارف

 * داتا حُضُور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪم و پيش 400 هجري جو دنيا ۾ تشريف کڻي آيا  * سندن نالو مبارڪ: عَلي ۽ والد صاحب جو نالو: عثمان آهي * داتا حُضُو رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه افغانستان جي علائقي غزني جا رهاڪو آهن، غزني جو هڪ پاڙو آهي: هجوير. داتا حُضُور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ان پاڙي ۾ رهندا هئا، انهيءَ نسبت سان هجويري سڏرايا * پاڻ نَجِیْبُ الطَّرَفَیْن يعني حَسني، حُسيني سيّد آهن * شروع کان ئي وڏا نيڪ پارسا، عبادت ڪرڻ وارا ۽ علمِ دين جو تمام گهڻو شوق رکڻ وارا هئا * داتا حُضُور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه علمِ دين سکڻ جي لاءِ عراق، شام، لبنان، آذر بائيجان، خراسان ۽ تُرڪستان وغيره ڪيئي ملڪن جو سفر فرمايو، ان وقت جي وڏن وڏن علماء ڪرام ۽ صوفياءِ ڪرام کان علمِ دين سکيائون * تقريبًا 34 سالن جي عمر ۾ پنهنجي پير صاحب شيخ ابو الحسن خُتَّلي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي حڪم سان لاهور تشريف کڻي آيا * هتي نيڪي جي دعوت کي عام ڪيو، اسلام جو پيعام وڌايو، ماڻهن کي قرآن ۽ سنّت جي تعليم ڏني، پنهنجي اخلاق سان، ڪردار سان، ڪڏهن بيانَ فرمائي ڪري، ڪڏهن ڪرامتون ڏيکاري ڪري بي شمار ڪافرن کي مسلمان ڪيو، جيڪي پهريان کان مسلمان ها، انهن کي سنّتن جو پيڪر بڻايو، ڪيئي عالم بڻايا، ڪيئي ماڻهن کي پنهنجي تربيت ۾ رکي ڪري ولايت جي بلند مقامات تائين پهچايائون
 * ڪم و پيش 30 سالن جي عرصي ۾ پاڻ برِّ صغير ۾ هڪ انقلاب پيدا ڪري ڇڏيو * مضبوط قول جي مطابق پاڻ 465 سن هجري جو هن دنيا مان پردو