Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

هڪ اسلامي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته الحمد لله! مون کي نيڪ اعمال سان پيار آهي ۽ ان جي ذريعي روزانو پنهنجو جائزو وٺڻ جو منهنجو معمول آهي. هڪ ڀيري مان دعوت اسلامي جي مدني قافلي ۾ عاشقان رسول سان گڏ صوبي بلوچستان (پاڪستان) جي سفر تي هُئس. انهيءَ دوران مون گنهگار تي ڪرم ٿي ويو. ٿيو ائين جو رات جو جڏهن سمهي پيس ته نصيب جاڳي پيو، پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  خواب ۾ تشريف وٺي آيا، اڃا جلوَن ۾ گم هئس ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: "جيڪي مدني قافلي ۾ روزانو نيڪ اعمال جي رسالي مان پنهنجو جائزو وٺندا آهن، مان انهن کي پاڻ سان گڏ جنت ۾ وٺي ويندس."

شکریہ کیوں کر ادا ہو آپ کا یا مصطفیٰ                                     کہ پڑوسی خُلد میں اپنا بنایا شکریہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

 اسلامڪ اي بڪ ايپليڪيشن جو تعارف

اي عاشقانِ رسول! دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمنٽ پاران اسلامڪ اي بڪ ايپلي ڪيشن متعارف ڪرايو ويو آهي. هن ايپلي ڪيشن ۾ هي بهترين آپشنز موجود آهن:  *  دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه پاران شايع ٿيل تقريباً سڀئي ڪتاب ۽ رسالا (تقريباً 43 ٻولين ۾) هن ايپلي ڪيشن جو حصو آهن.  *  هفتيوار اجتماع ۾ ٿيل تحريري بيان.  * مدني ماهوار  مشورن جا مدني گل ۽ مدني مذاڪري جا سوال جواب (مختصر طور). به هن ايپلي ڪيشن ۾ شامل ڪيا ويندا آهن.

اڄ ئي هن ايپلي ڪيشن کي ڊائونلوڊ ڪريو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏيو.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

چند ضروري اعلانات