Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

انعام به ربِّ رحمٰن عطا فرمايو، تنهنڪري جهڙي طرح ماڻهو سائنسي ايجادن کي خاموشي سان قبول ڪري وٺندا آهن، ائين ئي اولياء ڪرام جي ڪرامتن تي به پختو ايمان رکڻ ضروري آهي۔ الله پاڪ اسان کي صحيح سمجھ عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

فڪرِ آخرت اختيار ڪريو!

پيارا اسلامي ڀائرو! هي ڳالهه ته ضمني طور اچي وئي، جيڪي آيتون اسان ٻڌيون، انهن ۾ بيان ٿيو ته ماڻهو 2 قسمن جا آهن: (1) اهي جيڪي آخرت کي بلڪل وساري ويٺا، صرف دنيا جا طلبگار بڻجي ويا، الله پاڪ چاهي ته انهن کي دنيا عطا فرمائي ڇڏيندو آهي، نه چاهي ته ناهي عطا فرمائيندو، البته آخرت ۾ انهن لاءِ دوزخ آهي۔ (2) ٻي قسم جا ماڻهو اهي آهن جيڪي دنيا جا نه پر آخرت جا طلبگار آهن، انهن جون سڀ ڪوششون آخرت لاءِ آهن، اهي عبادتون ڪندا آهن ته آخرت جي ڪاميابي لاءِ، ماڻهن سان سٺا تعلقات رکندا آهن ته آخرت جي ڪاميابي لاءِ، ڪمائيندا آهن ته آخرت جي ڪاميابي لاءِ، کائيندا آهن ته آخرت جي ڪاميابي لاءِ، مطلب ته؛ اهي ڏينهن رات آخرت لاءِ ئي محنت ۽ ڪوشش ڪندا آهن، هي اهي ئي خوش نصيب آهن جن جي محنت مقصد تائين پهچندي آهي۔ تنهنڪري اسان کي به گهرجي ته اسان دنياوي فڪر ڇڏي، آخرت جي فڪر اختيار ڪريون۔ الله پاڪ اسان کي توفيق عطا فرمائي۔

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

داتا حضور ۽ آخرت جي فڪر

الحمدلله! مشهور وليءِ ڪامل داتا حضور گنج بخش علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  ڏينهن رات آخرت جي فڪر ۽ ان جي تياري ۾ مشغول رهڻ وارا هئا.