Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat
داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اي طالبِ حق...!! الله پاڪ توکي طاقت عطا فرمائي، چڱيءَ طرح سمجهي وٺو جو هي دنيا الله پاڪ جي رازن جي جاءِ آهي پر ماڻهو اخلاص کان هٽي ڪري اهڙا مغرور ٿي ويا آهن جو انهن جا عقل الله پاڪ جي راز کي ڄاڻڻ کان عاجز ٿي ويا آهن، نتيجو اهو نڪتو جو انسان غفلت جي اونداهين ۾ غرق ٿي ويو آهي. اهوئي سبب آهي جو ماڻهو پنهنجي ڪاميابي ۽ نجات کان غافل آهن، انهن جا ڪم نفساني خواهشن جي تابع ٿي ڪري رهجي ويا، پوءِ هيءَ حالت ٿي وئي آهي جو انهن کي سواءِ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ ۽ نفساني خواهشن جي ڪنهن شيءِ جو خيال نه رهيو. الله پاڪ پنهنجي ٻانهن کي انهن سڀني ڳالهين کان بچڻ جو حڪم ڏنو آهي. ([1]) ارشاد ٿئي ٿو:
ذَرْهُمْ یَاْكُلُوْا وَ یَتَمَتَّعُوْا وَ یُلْهِهِمُ الْاَمَلُ (پاره:14، سوره حجر:3)
ترجموڪَنْزُالعِرْفان: اوهين انهن کي ڇڏي ڏيو ته کائن ۽ مزو ماڻن ۽ اميد انهن کي غفلت ۾ وجهي.
الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيتري سچي ڳالهه آهي، افسوس! افسوس...!! ڊگهين اميدن اسان کي ڌوڪي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، موت اچڻي آهي ۽ اچي رهندي، قبر ۾ لهڻو آهي، پنهنجن عملن جو حساب ڏيڻو آهي، پر افسوس! اسان کي ان جي فڪر ئي ناهي، مڃون ٿا ته مرڻو آهي پر رَوَيا اهڙا آهن ڄڻ هميشه هتي ئي رهڻو آهي، مڃون ٿا ته قبر ۾ لهڻو آهي پر عمل اهڙا آهن ڄڻ ڪڏهن مرڻو ئي ناهي، مڃون ٿا ته حساب ڏيڻو آهي پر انداز اهڙا آهن ڄڻ اسان کان پڇڻ وارو آهي ئي ڪو نه. ڪاش! ڊگهين اميدن کان جان ڇُٽي وڃي...!!
آگاہ اپنی موت سے کوئی بشر نہیں سامان سو برس کا ہے پل کی خبر نہیں