Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat
تلي(تريءَ) جي تڪليف ختم ٿي وئي. ٽئين دوست کي فرمايو: صابُوني حلوو شاھي دربارن جي غذا آهي پر اوهان صوفين جو لباس پاتو آهي! ٻن شين مان هڪ شيءِ چونڊيو.
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مزاج مبارڪ تي غور ڪريو! پاڻ پري پري جا سفر ڪندا آهن، اولياء ڪرام جي خدمت ۾ حاضري ڏيندا آهن، سندن زندگي جو وڏو حصو سفر ۾ گذاريو پر دنيا جي طلب نه ڪئي، اولياء ڪرام جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا هئا ته انهن کان به دنياوي بھترين جي دعا نه ڪرائيندا هئا بلڪ آخرت جو فائدو ئي سامهون رکندا هئا.
لاهور شهر جي هڪ مشهور جاءِ آهي: ڀاٽي دروازو. ان کي ڀاٽي گيٽ به چون آهن. هتي ڀٽي قوم آباد هئي، انهن جي نسبت سان ان کي ڀاٽي دروازو چوندا آهن. ان وقت سڄي ڀٽي قوم غير مسلم هئي. جڏهن داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لاهور تشريف فرما ٿيا، نيڪي جي دعوت ڏيڻ شروع ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مسلمان ٿيا، ڪيترائي سڌي راهه جا مسافر بڻيا.
هاڻي ٿيندو ايئن هو ته ڪيترائي مسلمان دين سکڻ لاءِ، فيض حاصل ڪرڻ لاءِ، سندن خدمت ۾ ايندا هئا ته هن ئي ڀاٽي دروازي کان گذري ايندا هئا. هڪ دفعي عقيدت مندن ايئن ڪيو جو ڀاٽي دروازي جو نالو بدلائي داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نسبت سان "هجويري دروازو" رکي ڇڏيو. ڀٽي قوم جي غير مسلم، جن جي نسبت سان ڀاٽي دروازي جو نالو رکيو ويو هو، انهن کي هي ڳالهه تمام بري لڳي. جيئن ته ڀٽي قوم جو هڪ وفد داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. سڄو ماجرو ٻڌايو ويو، داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اطمينان سان انهن جي ڳالهه ٻڌي، پوءِ فرمايائون: دروازي جو نالو ڀاٽي ئي رهندو، بدلائبو نه. وڌيڪ فرمايو: الله پاڪ جي ٻانهن کي ظاهري عزت ۽ شهرت گوارا ناهي هوندي، نه ئي اهي هن کي پسند ڪندا آهن، بلڪ الله پاڪ جا ٻانها ته هميشه پنهنجي باطن