Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

ڪرامات اولياء تي اعتراض ڇو؟

پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هڪ ڳالھ وڏي توجهه طلب آهي، اسان الحمدلله! عاشقانِ اولياء آهيون ۽ اولياء ڪرام جي ڪرامتن جو ذڪر به ڪندا آهيون ۽ اهو اسان ئي نٿا ڪيون بلڪ الله پاڪ قرآن شريف ۾ ڪرامتن جو ذڪر ڪيو آهي، احاديثِ ڪريمه ۾ ڪرامتن جو بيان آهي، حديث پاڪ جي سڀني کان معتبر ڪتاب بخاري شريف ۾ به ڪراماتِ اولياء جو ذڪر آهي، الحمد لله! اسان به ڪرامتون بيان ڪندا آهيون، ڪڏهن ڪڏهن ڪرامتون ٻڌڻ سان ذهنن ۾ وسوسا اُٿندا آهن، ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ هي ڇو ٿي ويو؟ لاهور کان ڪعبو ڪيئن نظر اچي سگهي ٿو؟ هٿ لڳڻ سان شفا ڪيئن ملي سگهي ٿي؟ وغيره وغيره۔

    سوچڻ جي ڳالھ آهي، سائنسدان دعوا ڪن ٿا ته اسان چنڊ تي پهچي وياسين، انسان چنڊ تي قدم رکيا، هن تي ڪو وسوسو، ڪو خيال ذهن ۾ نٿو اُٿي، جيڪڏهن ڪو چنڊ تي پهتو آهي ته ڇا پنهنجي طاقت سان پهتو؟ پنهنجي اختيار سان پهتو؟ نه...!! طاقت سڀني کي الله پاڪ ئي ڏني آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو:

کُلًّا نُّمِدُّ ہٰۤؤُلَآءِ وَ ہٰۤؤُلَآءِ مِنۡ عَطَآءِ رَبِّکَ ؕ

(پارہ:15، بنی اسرائیل:20)

تَرْجموڪنزُالعِرْفان: اسان تنهنجي رب جي عطا سان هن (دنيا جي طلبگارن) ۽ انهن (آخرت جي طلبگارن) سڀني جي مدد ڪندا آهيون.

خبر پئي، جيڪي دنيا جا طلبگار آهن، طاقت انهن کي به الله پاڪ عطا فرمائي ٿو، جيڪي آخرت جا طلبگار آهن، طاقت ۽ توفيق انهن کي به الله