Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ بڻجڻ، گناهن کان بچڻ ۽ نيڪين تي استقامت حاصل ڪرڻ لاءِ عاشقان رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان جڙجي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ به ڀرپور حصو وٺو! ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ! دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: نيڪ اعمال جي رسالي مان روزانو جائزو وٺڻ.

سرورِ عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: عقلمند اهو آهي جيڪو پنهنجو محاسبو ڪري ۽ مرڻ کان پوءِ لاءِ عمل ڪري. ([1]) پنهنجي اصلاح ڪرڻ ۽ پاڻ کي شيطان کان بچائڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته اسين پنهنجي عادتن، پنهنجي ڪردار ۽ پنهنجي اعمال جو جائزو وٺندا ڪيون. دورِ حاضر ۾ اميرِ اهل سنت مولانا محمد الياس عطّار قادري دامت برڪاتهم العاليه پنهنجو جائزو وٺڻ جو آسان طريقو ڏنو آهي: رسالو نيڪ اعمال.

وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن لاءِ نيڪ اعمال رسالي ۾ 72 سوال جواب لکيل آهن. هر سوال جي هيٺ 30 خانا آهن. روزانو سوال پڙهي پنهنجو جائزو وٺڻو هوندو آهي ۽ خانا ڀرڻا هوندا آهن. صحيح اسلامي زندگي گذارڻ جو هي بهترين نسخو آهي. ان جي ذريعي نه ڄاڻ ڪيترن جي اصلاح ٿي چڪي آهي.

توهان به هي رسالو خريد ڪيو! نيڪ اعمال جي مطابق روزانو جائزو وٺو! ان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻو فائدو ٿيندو. اخلاق سنورجندو، ڪردار بهتر ٿيندو، عادتن ۾ بهتري ايندي، نيڪين تي استقامت ملندي، گناهن کان نفرت ٿيندي، دل روشن ٿيندي، محبتِ الهي نصيب ٿيندي، عشق رسول ۾ اضافو ٿيندو، روحانيت ملندي ۽ فڪر آخرت نصيب ٿيندي.

روزانو جائزو وٺڻ جو انعام


 

 



[1]...نوادر القلیوبی، حکایت :58، صفحہ:46ـ47 ملخصاً۔