Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                   جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

سرمو پائڻ جون سنّتون ۽ آداب

   فرمانِ آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: سڀني سُرمن مان بهتر سرمو اِثمد آهي ڇو ته هي نگاھن کي روشن ڪندو ۽ پلڪون پيدا ڪندو آهي.[1]

اي عاشقانِ رسول! * پٿر جو سرمو استعمال ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي ۽  * ڪارو سرمو يا ڪاجَل زينت جي نيّت سان (يعني خوبصورتي جي نيّت سان) مرد کي پائڻ مڪروھ آهي ۽ زينت مقصود نه هجي ته ڪراهت ناهي، * سرمو رات جو سمهڻ وقت استعمال ڪرڻ سنّت آهي * سرمو استعمال ڪرڻ جي 3 منقول طريقن جو خلاصو پيشِ خدمت آهي: (1): ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٽي ٽي سرايون (2): ڪڏهن ساڄي اک ۾ ٽي سرايون ۽ کاٻي اک ۾ 2 (3): ته ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ 2،2۽ پوءِ آخر ۾ هڪ سرائي کي سرمي واري ڪري ان کي ئي واري واري سان ٻنهي اکين ۾ لڳايو اهڙيءَ طرح ڪرڻ سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ٽنهين طريقن تي عمل ٿيندو رهندو.

اي عاشقانِ رسول! ادب ۽ تعظيم جا جيترا به ڪم آهن سڀ اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ساڄي پاسي کان شروع ڪندا هئا، تنهنڪري پهريان ساڄي اک ۾ سرمو لڳايو پوءِ کاٻي ۾.[2]

عجب نہیں کہ لکھا لوح کا نظر آئے!                                           جو نقشِ پا کا لگاؤں غبار آنکھوں میں

مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن جو


 

 



[1] ابن ماجہ، کتاب الطب، باب:الکحل بالاثمد، صفحہ:566، حدیث:3497۔

[2] 550سنتیں اور آداب، صفحہ:38۔