Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

باري ۾ داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي معلوم ٿيو ته هتي هڪ الله پاڪ جو ولي رهندو آهي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پري جو سفر ڪري اتي پهتا ۽ انهن بزرگن جي زيارت جو شرف حاصل ڪيو.[1] * هڪ دفعو پاڻ سفر ڪندي ڪندي بيتُ الجن نالي ڳوٺ ۾ پهتا، اُتي حضرت شيخ ابو الحسن خُتَّلي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان ملاقات ٿي، ان جي تقوٰي، پرهيزگاري ڏٺي، علم جون ڳالهيون ٻڌيون ته ايترا متاثر ٿيا جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان جي هٿ تي بيعت ڪري ڇڏي، پوءِ ڊگهي عرصي تائين پيرِ ڪامل جي خدمت ۾ رهي روحاني ترقي جا مرحلا طئي ڪندا رهيا .    ([2])

پير صاحب جو ڏنل هڪ سبق

 داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي پير صاحب کان گهڻو ڪجھ سکيو، انهن مان هڪ سبق جيڪو پاڻ ڪشف المحجوب شريف ۾ به ذڪر ڪيو، لکن ٿا: پير صاحب فرمائيندا هئا: " اَلْدُّنْیَا یَوْمٌ وَ لَنَا فِیْہِ صَوْمٌ " يعني دنيا هڪ ڏينهن جي آهي ۽ اسان جو ان ڏينهن ۾ روزو آهي. ([3])

  سُبْحٰنَ اللہ! مطلب اهو آهي ته هي دنيا عارضي آهي، فنا ٿيڻ واري آهي، جلد ختم ٿيڻ واري آهي، اسان هن دنيا جي پويان نٿا لڳون، دنيا لاءِ زندگي نٿا گذاريون، اسان دنيا کان بي رغبت ٿي آخرت جي فڪر ۾ الله پاڪ جي رضا لاءِ زندگي گذاريون ٿا.

داتا حضور جي لاهور تشريف آوري

 داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي پير صاحب حڪم ڏنو: "پٽ! لاهور هليو وڃ...!! اُتي


 

 



[1] دَاتا گنج بخش، حیات و افکار، ص:61۔

[2]...سیرت حضرت داتا گنج بخش، صفحہ:36 ملخصاً۔

[3]...کشف المحجوب، الباب الثانی عشر فی ذکر ائمتہم متاخرین، صفحہ:213۔