Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

ٿي سگهي ٿو. اهڙيون ڳالهيون هاڻي عام ٿي ويون آهن، پر داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جو مبارڪ انداز ڏسو! هڪ طرف سندن شهرت آهي، هڪ طرف دين جي سربلندي آهي، هڪ طرف سندن نالو آهي، ٻي طرف الله پاڪ جي رضا آهي. داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  پنهنجي شهرت نه ڏٺي، دين جي سربلندي ڏٺي، پنهنجو نالو نه رکيو، الله پاڪ جي رضا گهري، نتيجي طور الله پاڪ سندن ڪم ۾ اهڙي برڪت وڌي، زبان مبارڪ ۾ اهڙي تاثير رکي جو پوري قوم ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي وئي.

رب جي رضا گُهرڻ وارا.....

 پيارا اسلامي ڀائرو! حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عادت ڪريمه هئي جو سندن ڪو به ڪم نفس جي خواهش تي نه بلڪ الله پاڪ جي رضا لاءِ ڪندا هئا. ان جو رڳو هڪ مثال پيش ڪريان ٿو. داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ هڪ سوال پيش ٿيو، علمي سوال هو، کين ان جو جواب ڏيڻو هو. هي يقيناً خالص ديني ڪم هو، پر هي داتا گنج بخش علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هئا، کين ڄاڻ هئي ته خالص ديني ڪم ۾ به جيڪڏهن نفساني خواهش شامل ٿي وڃي ته آخرت لاءِ نقصان ده ثابت ٿي سگهي ٿو. ان ڪري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پهريان استخارو ڪيائون، هي ڄاڻڻ لاءِ ته هي ديني ڪم منهنجي آخرت لاءِ بهتر هوندو يا نه؟ استخاري ۾ بهتري جو اشارو مليو، هاڻي به سندن يڪدم جواب لکڻ شروع نه ڪيو، بلڪه فرمائن ٿا: هاڻي مون سٺيون سٺيون نيتون ڪيون، پوءِ جواب لکڻ شروع ڪيو.

پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ائين ڇو ڪيو؟ پاڻ ئي ان جي حڪمت بيان ڪندي فرمائن ٿا: جنهن ڪم ۾ نفساني اغراض (نفساني خواهشون) شامل ٿينديون آهن، ان ڪم مان برڪت ختم ٿي ويندي آهي، دل سڌي رستي کان هٽي ويندي آهي ۽ انجام سٺو ناهي ٿيندو.[1]


 

 



[1] کشف و کَرامات حضرت گنج بخش