Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گهرجي ته اسان به الله جي راھ ۾ سفر ڪندا رهون. الله جي راھ ۾ سفر ڪرڻ جا ڪهڙا فضائل آهن؟ اچو ته توهان کي ڪجهه فرامينِ مصطفيٰ صلَّي الله عليہ وسلم ٻڌايان ٿو * جيڪو ماڻهو علم جي تلاش ۾ ڪنهن رستي تي هلي، الله پاڪ ان لاءِ جنت جو رستو آسان فرمائي ڇڏيندو آهي. ([1]) * جيڪو پنهنجي گهر کان علم جي طلب لاءِ نڪري ٿو، فرشتا ان جي عمل کان راضي ٿي پنهنجي پرن کي ان جي لاءِ وڇائي ڇڏين ٿا. ([2]) * جيڪو الله پاڪ جي راھ ۾ مٿي جي سُور ۾ مبتلا ٿئي ٿو ۽ ان تي صبر ڪري ٿو ته ان جا اڳوڻا گناهه معاف ڪيا ويندا. ([3])

الحمد الله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي اولياء جو فيضان آهي، غوث ۽ خواجه جو فيضان آهي، داتا حضور جو فيضان آهي، امام احمد رضا جو فيضان آهي. الله پاڪ جو فضل آهي جو دعوتِ اسلامي وارا عاشقانِ رسول اولياء ڪرام جو فيضان حاصل ڪرڻ لاءِ 3 ڏينهن، 12 ڏينهن، هڪ مهينو ۽ 12 مهينا مدني قافلن ۾ سفر ڪندا رهن ٿا. توهان به عاشقانِ رسول سان گڏ الله جي راه ۾ سفر ڪريو! مدني قافلن جا مسافر بڻجو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  دين ۽ دنيا جون بي شمار ڀلايون نصيب ٿينديون.

لوٹنے رحمتیں   قافِلے میں   چلو                                                                          سیکھنے سنتیں   قافِلے میں   چلو

چاہو گر بَرَکتیں   قافِلے میں   چلو                                                                              پاؤگے عظمتیں   قافِلے میں   چلو

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 زندگي آخرت ڪمائڻ لاءِ مخصوص آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪڏهن ڪڏهن شيطان وسوسا ڏياريندو آهي، نفس سستي


 

 



[1]... (صحیح مسلم،کتاب الذکر والدعائ،باب فضل الاجتماع۔۔۔الخ،الحدیث:۲۶۹۹،ص۱۴۴۸)۔

[2]... سنن ابن ماجہ ، کتاب السنۃ، باب فی فضل من تعلم القرآن،الحدیث:۲۱۹، ج۱،ص۱۴9۔

[3]...    (مسند البزار،رقم ۲۴۳۷ ،ج۶ ،ص ۴۱۳)۔