Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat
سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙي شان آهي...!! معلوم ٿيو ته جيڪو ٻانهو دل مان دنيا جي حرص ۽ لالچ کي ختم ڪري صرف ۽ صرف الله پاڪ جو ٿي ويندو آهي، انهيءَ جي طرف توجهه رکندو آهي، ته الله پاڪ ان کي دنياوي گندگين ۽ هتي جي براين کان بچائي وٺندو آهي. اسان کي گهرجي ته دل مان دنيا جي محبت، مال ۽ دولت وغيره جي رغبت کي ڪڍي ڇڏيون، ۽ الله پاڪ جي محبت ۽ ان جي رضا جا طلبگار ٿي وڃون.
محبّت میں اپنی گُما یاالٰہی! نہ پاؤں میں اپنا پتا یاالٰہی!
رہوں مست وبے خود میں تیری وِلا میں پِلا جام ایسا پِلا یاالٰہی!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سيرتِ پاڪ جو مطالعو ڪريون ته اسان کي معلوم ٿيندو ته سندن سڄي زندگي جيڪا محنت ڪئي، ڪوششون ڪيون، اهي سڀ آخرت لاءِ هيون، دنيا لاءِ سندن ڪجھ به نه ڪيو. * پنهنجي مبارڪ جواني جو سڄو دور سندن سفر ۾ گذاريو، ڪيترن ئي اسلامي ملڪن ۾ ويا ۽ سندن وڃڻ جو مقصد ڇا هو؟ مال ۽ دولت لاءِ نه، دنيا ڪمائڻ لاءِ نه، عزت ۽ شهرت لاءِ نه، دنيا جي حسين مقامن کي ڏسڻ لاءِ نه، بلڪه پاڻ ڪيترائي سفر ڪيا، علمِ دين سکڻ لاءِ، باطن جي صفائي لاءِ، وڏن وڏن اولياءِ ڪرام جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي فيض حاصل ڪرڻ لاءِ.
داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عراق، شام، لبنان، آذربائيجان، خُراسان ۽ تُرڪستان وغيره ڪيترن ئي ملڪن جو سفر ڪيو،([1]) ان دوران تقريباً 300 بلند رُتبي وارن اولياءِ ڪرام جي خدمت ۾ حاضر ٿي فيض حاصل ڪيو. * چين جي هڪ ڳوٺ جي