Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat
شاه عبداللطيف ڀٽائي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو تذڪرو
پيارا اسلامي ڀائرو! 14 صفرالمظفر تي سنڌ جي مشهور ولي ڪامل حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو عرس مبارڪ ٿي گذريو، اچو! آخر ۾ برڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جو ذڪر خير ڪيون ٿا. * شاھ عبداللطيف ڀٽائي 1101ھ بمطابق 1689ء تي هالا حويلي ضلع مٽياري سنڌ پاڪستان ۾ پيدا ٿيا، * پاڻ ڪاظمي سيّد آهن. * ديني تعليم مشهور عالم دين مولانا نور محمد ڀٽي کان حاصل ڪئي.[1] * ديني تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 26 سالن جي عمر ۾ مخلوق کان الڳ ٿي ڪري هڪ واريءَ جي ڀٽ تي قيام ڪيو * پاڻ روزانو ڪيئي ميل پيدل هلي ڪري سفر ڪندا ۽ رستي جيترا به ڳوٺ ايندا هئا، قافلا ملندا هئا يا ڪوبه شخص ملندو هو ته ان کي دين جي دعوت ڏيندا هئا.[2] * پاڻ صوفي شاعر هئا، سندن شاعري نج اسلامي تعليمات، اَمن و محبت، انسان دوستي، غريبن جي درد جي احساس ۽ خالق سان مخلوق جي تعلق وغيره تي مشتمل آهي. * پاڻ هن دنيا ۾ 63 سال زندگي گذاري ڪري 1165 هجري بمطابق 1752ء تي پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي مليا.[3] * هر سال 14 صفرالمظفر تي ڀٽ شاھ ۾ سندن عرس مبارڪ نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي. الله پاڪ جي انهن تي رحمت هجي ۽ انهن جي صدقي اسان جي مغفرت ٿئي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال