Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat
آهيان (3) مون ڄاڻي ورتو ته موت منهنجي پٺيان لڳل آهي، مان ان کان ڀڄي نٿو سگهان، تنهنڪري مون ان کي سڃاڻي ورتو آهي (4) مون ڄاڻي ورتو ته منهنجو ڪو مالڪ آهي، جيڪو هر وقت مون کي ڏسي رهيو آهي، تنهنڪري مان ان کان شرم ڪريان ٿو ۽ نافرمانين کان باز رهان ٿو. ([1])
داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: بصره ۾ هڪ رئيس هو، هڪ ڏينهن هو پنهنجي باغ ۾ ويو ته باغبان(مالهي) جي زال جي حسن ۽ جمال تي سندس نظر پئي، رئيس جي دل ۾ شيطان اچي ويو، هن مالهي کي ڪنهن بهاني سان ٻاهر موڪليو ۽ عورت کي گهر ۾ وٺي آيو ۽ چيو: دروازو بند ڪري ڇڏ! عورت خدا جو خوف رکڻ واري هئي، هن چيو: مون سڀئي دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن، پر هڪ دروازو اڃا به کليل آهي، ان کي مان بند نٿي ڪري سگهان. رئيس پڇيو: اهو ڪهڙو دروازو آهي؟ عورت جواب ڏنو: اهو دروازو اسان ۽ خدا جي وچ ۾ آهي. اهو ٻڌي رئيس شرم کان پاڻي پاڻي ٿي ويو ۽ توبه ڪرڻ لڳو. ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! ڪيترو سٺو اصول آهي، بس اسان اهو پنهنجي دل ۾ ويهاري ڇڏيون ته الله پاڪ مون کي ڏسي رهيو آهي. ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اسان جا سڀ ڪم ٺهي ويندا.
الله پاڪ جي ڏسڻ کي هلڪو نه سمجھو...!
حضرت وُهيب بن وَرْد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ ڪنهن عرض ڪيو: مون کي نصيحت ڪريو! پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڏي پياري نصيحت ڪئي جو الله پاڪ جو ڏسڻ توکي ماڻهن جي ڏسڻ کان هلڪو محسوس نه ٿئي، ان ڳالهه کان ڊڄندو رهه. ([3])