Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat
فرمايو * سندن مزار مبارڪ لاهور ۾ آهي * سندن جي ئي نسبت سان لاهور کي مرڪزُ الاوليا ۽ داتا نگر به چيو ويندو آهي[1]
کیا غرض دَر دَر پھروں میں بھیک لینے کے لئے ہے سلامت آستانہ آپ کا داتا پیا
جھولیاں بھر بھر کے لے جاتے ہیں منگتے رات دِن ہو مِری اُمِّید کا گلشن ہَرا داتا پیا [2]
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! 20 صفرالمظفر تي داتا حضور گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو عرس مبارڪ ٿيندو آهي، اَلحَمۡدُلله! اسان عاشقانِ اولياء آهيون، اولياءِ ڪرام جي ڪرامتن جو بيان به اسان جي دل کي سڪون ڏيندو آهي ۽ اسان ان جي تعليمات کان روشني به حاصل ڪندا آهيون، اَڄ اسان داتا حُضُور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي سيرت پاڪ ۽ تعليمات جي روشني ۾ فڪر آخرت جي اهميت سکنداسين. اچو! هن کان پهريان قرآنِ ڪريم جون ڪجھ آيتون ٻڌون ٿا ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا.
سيپارو: 15 آهي، سورت جو نالو آهي: بني اسرائيل، 3 آيتون آهن: 18 کان 20. الله پاڪ هنن آيتن ۾ 2 طرح جي ماڻهن جو ذڪر ڪيو ۽ انهن جي انجام کي به بيان فرمايو،
(1) ارشاد ٿئي ٿو:
مَنۡ کَانَ یُرِیۡدُ الۡعَاجِلَۃَ عَجَّلۡنَا لَہٗ فِیۡہَا مَا نَشَآءُ لِمَنۡ نُّرِیۡدُ ثُمَّ جَعَلۡنَا لَہٗ جَہَنَّمَ ۚ یَصۡلٰىہَا مَذۡمُوۡمًا مَّدۡحُوۡرًا (۱۸)
(پارہ:15، بنی اسرائیل:18)
ترجموڪنزالعرفان: جيڪو جلدي واري (دنيا) چاهي ٿو ته اسان جنهن کي