Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

صرف الله پاڪ جا ٿي وڃو... !!

الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ تَبَتَّلۡ  اِلَیۡہِ تَبۡتِیۡلًا ؕ(۸)

(پاره:29، سوره مزمل:8)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ سڀني کان جدا ٿي فقط انهيءَ جو ٿي رھ.

اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا والد محترم مولانا نقي علي خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: غيرُ الله جي طرف سر جھڪائڻ جائز ناهي، پوءِ دل جھڪائڻ ڪيئن درست ٿي سگهي ٿو.....!![1] يعني اسان دل ۾ دنيا جي رغبت ۽ محبت ڪيئن آڻي سگهون ٿا...؟ جڏهن ته رب پاڪ اسان کي دنيا لاءِ نه پر پنهنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيو آهي.

جهان آهي تو لاءِ، تون ناهين جهان لاءِ

مشهور مفسر قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: انسان اشرف المخلوقات آهي، سڀ ڪجھ ان لاءِ پيدا ڪيو ويو، الله پاڪ فرمائي ٿو:  

هُوَ الَّذِیْ خَلَقَ لَكُمْ مَّا فِی الْاَرْضِ جَمِیْعًاۗ (پاره:1، سورۂ بقره:29)

ترجمو ڪنزالعرفان: اهو ئي آهي جنهن جيڪو ڪجھ زمين ۾ آهي سڀئي توهان جي لاءِ بڻايو.

معلوم ٿيو ته دنيا جي هر شيءِ انسان جي نفعي لاءِ پيدا ڪئي وئي. هاڻي سوال هي آهي ته انسان به ڪنهن لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي يا نه؟ ان جو جواب هن آيت ۾ آهي.

وَ مَا خَلَقۡتُ الۡجِنَّ وَ الۡاِنۡسَ  اِلَّا لِیَعۡبُدُوۡنِ (۵۶)

(پارہ:27، سورۂ ذاریات (56 :

ترجموڪنزالعرفان: ۽ مون جن ۽ انسان اِن لاءِ پيدا ڪيا ته منهنجي


 

 



[1] انوارِ جمالِ مصطفےٰ، ص325۔