Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat
وڃي دين جي خدمت ڪر! ([1])
ماشآء الله! داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو جذبو ڏسو! پير جي اطاعت ڏسو! ملڪ ٻيو، شهر ٻيو، ماڻهو اجنبي، ٻولي مختلف، لاهور ۾ ڪوبه واقف ناهي، ڪوبه مائٽ ناهي ۽ سفر به ڪيترائي سؤ ڪلوميٽر پري جو آهي پر داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پير صاحب جي فرمان تي فوراً لبيڪ چيو ۽ لاهور جي سفر تي روانا ٿي ويا. هتي اچي سندن دين جي خوب خدمت ڪئي ۽ هزارين ماڻهن کي ڪلمو پڙهايو، لکين ماڻهن جي ظاهري ۽ باطني اصلاح ڪري برصغير ۾ اسلام جي روشني پکيڙي ڇڏي.
اوهان به الله جي راهه ۾ سفر ڪندا ڪيو.
پيارا اسلامي ڀائرو! الله وارن جي سيرت جو اهو پهلو هڪ جهڙو آهي، صحابهءِ ڪرام رضي الله عنهم کان وٺي اڄ تائين جيڪي الله پاڪ جا نيڪ ٻانها ٿيا آهن، اهي سڀئي الله جي راھ ۾ سفر ڪندڙ هئا. صحابهءِ ڪرام رضي الله عنهم کي ڏسو! هئا عرب جا رهواسي، پر ڪنهن جي مزار پاڪ استنبول ۾ آهي، ڪنهن جي مزار پاڪ دمشق ۾ آهي، ڪنهن جي مزار پاڪ ملڪ شام ۾ آهي، ڪو هند ۾ آرام فرما آهي، ڪيترائي صحابه ءِڪرام رضي الله عنهم آهن جن جون مزارون پاڪستان ۾ به آهن. اهو ڇو آهي؟ اهو انهيءَ ڪري جو اهي عظيم رتبي وارا حضرات الله جي راھ ۾ سفر ڪندا هئا. ائين ئي امامِ عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْهُ مديني پاڪ ۾ رهندا هئا، پر انهن جي مزار پاڪ عراق ۾ آهي. غوث پاڪ جيلان جا رهواسي هئا، انهن جي مزار پاڪ بغداد ۾ آهي. خواجه معين الدين چشتي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه افغانستان جا رهواسي هئا، انهن جي مزار پاڪ هند ۾ آهي. يعني اهي الله پاڪ جا نيڪ ٻانها، جيڪي الله جي رضا ۽ دين جي خدمت لاءِ ايترا ڊگها سفر ڪندا هئا.