Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat
صرف فاني آهي ۽ آخرت باقي آهي. توهان کي فاني (دنيا) ڪٿي ڀٽڪائي ڪري باقي (آخرت) کان غافل نه ڪري ڇڏي.
ہے یہ دنیا بے وفا آخِر فنا چل دیئے دُنیا سے سب شاہ و گدا
پيارا اسلامي ڀائرو! هي اسان لاءِ نصيحت آهي ته دنيا فاني آهي، آخرت باقي آهي. پر افسوس! اسان جي دلين تي دنيا ڇانيل آهي. اڄڪلهه اسان وٽ اهو رجحان آهي ته جڏهن نيڪ ماڻهن جي خدمت ۾ حاضري ٿيندي آهي ته ان وقت به ماڻهو دنيا جي لاءِ ئي دعائون گهرائيندا آهن. ڪجھ ماڻهو ته پير به ان لاءِ بڻائيندا آهن ته دنيا جا مسئلا حل ٿي وڃن، پئسو اچڻ لڳي، ڪاروبار جون رڪاوٽون ختم ٿي وڃن.
حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مبارڪ انداز ڇا هو؟ سندن پري پري جو سفر ڪري اولياء ڪرام جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا هئا. پر دل ۾ طلب ڇا هوندي هئي؟ ٻڌو! اميرِاهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه "فيضانِ سنت" جلد اول صفحي 419 تي لکيو آهي: حضرت داتا گنج بخش علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اسان 3 دوست حضرت شيخ ابنِ مَعلا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي زيارت لاءِ "رمله" نالي ڳوٺ ڏانهن نڪتاسين. رستي ۾ اهو طئي ڪيوسين ته اسان مان هر شخص ڪا نه ڪا مراد دل ۾ رکي. مون هي مراد رکي ته مون کي حسين بن منصور حلّاج رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مناجات ۽ اشعار درڪار آهن. ٻئي دوست هي مراد طئي ڪئي ته مون کي تلّي(تريءَ) جي بيماري مان شفا حاصل ٿي وڃي. ٽئين چيو: مون کي صابُوني حلوو کائڻ جي خواهش آهي. جڏهن اسان خدمت ۾ حاضر ٿياسين، ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه حضرت حسين بن منصور حلّاج رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا اشعار ۽ مناجات مون لاءِ لکائي تيار ڪري رکيا هئا، جيڪي مون کي عطا ڪري ڇڏيا. ٻئي درويش جي پيٽ تي هٿ رکيو، ان جي