Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔ [1]
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
مرڪز الاولياء لاھور کان ڪعبو ڏيکاري ڇڏيو
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪتابن ۾ لکيل آهي: حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جڏهن لاھور تشريف کڻي آيا ته پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هتي پهچي ڪري سڀ کان پهريان مسجد تعمير ڪئي. ([2])
سبْحٰنَ اللہ! ڪهڙي پيارِي ڳالھ آهي، هي الله وارن جو انداز هوندو هو، هي پنهنجن گهرن جي فڪر گهٽ ۽ الله پاڪ جي گهر (يعني مسجد) جي فڪر وڌيڪ ڪندا هئا، پنهنجي رهائش لاءِ مڪان هجي يا نه هجي، الله پاڪ جي عبادت لاءِ مسجد جو اهتمام ضرور ڪندا هئا. سنتِ مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم به اها ئي آهي، جڏهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هجرت ڪري مدينهءِ منوره تشريف