Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

عبادت ڪن.

ڄڻ ته فرمايو ويو: اي انسان سڀ ڪجھ تنهنجي لاءِ آهي ۽ تون اسان جي لاءِ آهين، مخلوق تنهنجي لاءِ ۽ تون خالق جي لاءِ آهين.[1]

جانور پیدا کئے ہیں تیری وفا کے واسطے                                              چاند سورج اور ستاروں کو ضیا کے واسطے

کھیتیاں سرسبز ہیں تیری غذا کے واسطے                                          یہ جہاں تیرے لئے ہے اور تُو خُدا کے واسطے

 معلوم ٿيو ته اسان دنيا لاءِ نه پر دنيا اسان لاءِ ٺهيل آهي، ۽ اسان ڪنهن لاءِ آهيون؟ الله پاڪ لاءِ، الله پاڪ جي عبادت لاءِ، دل ۾ الله پاڪ ۽ الله پاڪ جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي محبت کي سَمائڻ لاءِ.

مالڪ جي طرف نظر رکڻ وارو مالِڪ بڻجي ويندو آهي

 داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: "مَنْ نَظَر َ اِلَی  الْخَلْقِ ھَلَکَ وَ مَنْ رَجَعَ اِلَی  الْحَقِ مَلَکَ" جنهن مخلوق ڏانهن نگاهه ڪئي، اهو هلاڪ ٿي ويو، ۽ جنهن خالق ڏانهن نگاهه رکي، اهو مالڪ ٿي ويو.

جوتا گپ کان محفوظ رهيا

 داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان پنهنجي پير ڪامل (شيخ ابو الحسن خُتّلي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ) سان گڏ دمشق وڃي رهيو هئس. پيادل سفر هو، برسات ٿي رهي هئي، تنهنڪري رستي ۾ گپ هئي. فرمائن ٿا: مون کي هلڻ ۾ مشڪل ٿي رهي هئي، پر جڏهن مون پير صاحب ڏانهن ڏٺو ته سندن ڪپڙا ۽ جوتا خشڪ هئا، انهن تي بلڪل به گپ نه لڳي هئي. مون حيرت سان ان جي حڪمت پڇي، ته فرمايائون: "جڏهن کان مون توڪل اختيار ڪيو آهي ۽ دل مان لالچ کي دور ڪيو آهي، تڏهن کان الله پاڪ مون کي گپ کان بچائي ڇڏيو آهي."[2]


 

 



[1] مواعِظِ نعیمیہ، صفحہ:58

[2] کشف المحجوب،باب فی فرق فرقھم  فی مذاہبھم الخ،ص۲۵۵۔