Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat
پيارا اسلامي ڀائرو! زندگي گذارڻ جو هڪ بهترين اصول آهي، جيڪڏهن اسان اهو اصول اپنايون ته اسان کي فڪر آخرت به ملي ويندي، تقويٰ ۽ پرهيزگاري به نصيب ٿيندي، فضول ڳالهين کان به بچي وينداسين، نيڪ به بڻجي وينداسين، گناهن جي عادت کان به ڇوٽڪارو ملي ويندو ۽ الله پاڪ چاهيو ته دنيا، قبر ۽ حشر ۾ نجات به حاصل ڪري وٺنداسين. جيڪڏهن اسان ان کي صحيح معنائن ۾ اپنايون ته دنيا ۽ آخرت جون سڀئي ڀلايون ان جي صدقي حاصل ٿي سگهن ٿيون. اهو ڪهڙو پيارو اصول آهي؟ داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اسان جي تربيت ڪئي، لکن ٿا: ٻانهي کي گهرجي ته الله پاڪ جي مشاهدي ۾ عمل ڪري.
هاڻي ان جو ڇا مطلب آهي؟ داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مطلب هي آهي ته ٻانهو اهو پڪو يقين رکي ته هو خدا جي علم ۾ آهي ۽ الله پاڪ ان جي سڀني ڪمن کي ڏسي رهيو آهي.[1]
هي هڪ اصول آهي، جيڪڏهن اسان ان کي اپنايون ته دنيا به سنورجي ويندي ۽ آخرت به سنورجي ويندي.
داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: حضرت حاتِم اصم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائيندا هئا: جڏهن کان مون کي چار ڳالهيون معلوم ٿيون آهن، تڏهن کان مان دنيا جي سڀني علمن کان بي پرواھ ٿي ويو آهيان. ماڻهن پڇيو: اهي ڪهڙيون چار ڳالهيون آهن؟ فرمايائون: (1) هڪ هي ته مون ڄاڻي ورتو ته منهنجو رزق لکجي چڪو آهي، جنهن ۾ نه ڪا گهٽتائي ٿي سگهي ٿي نه ڪا واڌ، تنهنڪري مان وڌيڪ جي خواهش کان بي پرواھ ٿي ويو آهيان (2) مون ڄاڻي ورتو ته خدا جو مون تي حق آهي جنهن کي مون کان سواءِ ٻيو ڪو ادا نٿو ڪري سگهي، تنهنڪري مان ان جي ادائيگي ۾ مصروف