Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

جي صفائي ڏانهن ڌيان ڏيندا آهن.

داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ان فيصلي سان اهي غير مسلم ايترا متاثر ٿيا جو سڄو وفد ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو. ان کان پوءِ پوري ڀٽي قوم به اسلام قبول ڪري ورتو.[1]

آفتابِ فیض ہے تُو فقر کا مہرِ منیر                                                                  صاحِبِ تاجِ کرامت، مُلْکِ معنیٰ کا امیر

طالبوں کا قبلۂ جاں، عارفوں کا زندہ پیر                                         نامرادوں کی مراد اور بیکسوں کا دستگیر

گَنْج بَخْشِ فِیْضِ عَالَم مَظہرِ نُورِ خُدا

نَاقِصَاں رَاپیرِ کَامِل، کَامِلَاں رَا رَہْنما

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

نفساني خواهشن کان بچڻ وارا

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڇا شان آهي! پاڻ نفساني خواهشن کان تمام پري ۽ الله پاڪ جي رضا جا طلبگار هئا. جيڪڏهن ڀاٽي دروازي جو نالو هجويري دروازو رکيو وڃي ها ته ان ۾ سندن شهرت هئي، عزت هئي، نالو هو.

اڄڪلهه اهڙين ڳالهين تي جهيڙا ٿيندا آهن، هُن جو نالو ورتو، منهنجو ڇو نه ورتو؟ شاديءَ جا ڪارڊ ڇپجندا آهن ته خاندان ۾ مسئلا پيدا ٿي ويندا آهن، شادي ڪارڊ تي منهنجو نالو ڇو نه لکيو؟ ان ڳالهه تي تعلقات ختم ڪيا ويندا آهن. نئين ڪاروبار جو افتتاح (Opening) هجي ته مشڪلاتون ٿينديون آهن، فلاڻي صاحب جو نالو وٺي، اڳيان سڏي بهترين ڪرسي تي نه ويهاريو ته ناراض ٿي ويندا. مسجد لاءِ 5000 ڏيندڙ جو جيڪڏهن نالو وٺي دعا نه ڪئي وئي ته هنگامو


 

 



[1] کشف و کَرامات حضرت گنج بخش