Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat
ننڍپڻ کان ئي الله پاڪ جي طرف راغب(مائل)
داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مبارڪ ننڍپڻ آهي، غزني شهر جو هڪ عظيم مدرسو آهي، داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هتي تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. هڪ ڏينهن وقت جو بادشاهه سلطان محمود غزنوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن مدرسي ۾ تشريف فرما ٿيا.
اڄڪلهه ميڊيا جو دور آهي، عام طور تي سڀني ئي بادشاهن کي ڏٺو هوندو آهي، ان دور ۾ ائين نه هوندو هو، جڏهن بادشاهه ڪٿي ايندا هئا ته ماڻهو وڏي شوق سان انهن کي ڏسندا هئا ۽ بادشاهه به جيڪڏهن سلطان محمود غزنوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جهڙا عاشقِ رسول هجن ته پوءِ ماڻهن جو شوق ته اڃا به وڌي ويندو هو، سو جيئن ئي بادشاهه سلامت مدرسي ۾ آيا، سڀئي طالب علم زيارت لاءِ ڊوڙي پيا، سڀئي بادشاهه سلامت سان ملي رهيا آهن، پُرجوش استقبال ڪري رهيا آهن پر هڪ عظيم طالب علم هو، جيڪو پنهنجو سبق ياد ڪرڻ ۾ ايترو ته مشغول هو جو انهن کي سلطان جي اچڻ جي خبر به نه هئي. استاد صاحب جڏهن هن عظيم طالب علم کي ڏٺو ته پڪاريو: علي...!! ڏسو! ڪير آيو آهي. استاد محترم جي آواز ٻڌي داتا حضور گنج بخش علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نظر مٿي ڪئي، هاڻي ڇا هو؛ هڪ پاسي سلطان محمود غزنوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه آهن، ٻي پاسي هڪ ننڍي عمر جو هونهار طالب علم آهي، عجيب منظر هو، سلطان محمود غزنوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تي هڪ نظر وڌي، چهري تي تقوٰي ۽ پرهيزگاري جا آثار نمايان آهن، سلطان پاڪيزه چهري تي وسندڙ تجلين کي برداشت نه ڪري سگهيو، فوراً نظرون هيٺ ڪري ڇڏيون ۽ فرمايو: الله پاڪ جو قسم! هيءُ ٻار الله پاڪ جي طرف مائل آهي، اهڙا طالب علم هن مدرسي