Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

مطلب هيءَ ته هڪ ته ماڻهو اسان کي ڏسي رهيا آهن، ان سان گڏوگڏ ربّ ڪريم به اسان کي ڏسي رهيو آهي، ماڻهو ڏسندا هجن ته جيڪي انداز هوندا آهن، جيڪو خوف ٿيندو آهي، ٻانهوگناهه ڪرڻ کان، بُرا ڪم ڪرڻ کان ڊڄندو آهي، ماڻهن کان شرمائيندو آهي، الله پاڪ جي ڏسڻ کي ان کان گهٽ اهميت واري ڳالهه نه سمجھو...!! بيشڪ الله پاڪ ڏسي رهيو آهي، هيءَ وڌيڪ اهميت جي ڳالهه آهي، تنهنڪري جيترو ماڻهن جي ڏسڻ کان ڊڄو ٿا، ان کان گهڻو الله پاڪ جي ڏسڻ کان ڊڄڻ شروع ڪريو، جيترو ماڻهن جي ڏسڻ کان شرمايو ٿا، ان کان گهڻو الله پاڪ جي ڏسڻ کان شرمائڻ شروع ڪريو...!!

چھپ کے لوگوں سے کئے جس کے گُنَاہ                                    وہ خبردار ہے کیا ہونا ہے

الله پاڪ اسان کي توفيق عطا فرمائي. ڪاش! اسان نفساني خواهشن کان بچون، دنيا جي محبت کان پري رهون، آخرت جي فڪر ڪريون ۽ هيءَ چند ڏينهن واري فاني زندگي الله پاڪ جي رضا وارن ڪمن ۾ گذارڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

مدرسةُ المدينه بالغان ۾ داخلا جي ترغيب

پيارا اسلامي ڀائرو! حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي قرآن ڪريم پڙهڻ پڙهائڻ جو وڏو شوق هو، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ننڍڙي عمر ۾ ئي قرآن ڪريم کي مڪمل پڙهي ڇڏيو هو، منقول آهي ته اڃا کين حروف جي سڃاڻپ ئي ٿي هئي ته سندن مڪمل قرآن ڪريم ناظره سان پڙهي ڇڏيو هو. ([1])  جتي کين قرآن ڪريم پڙهڻ جو شوق هو، اتي ٻين کي پڙهائڻ جو جذبو به هو. روايت ۾ آهي ته جيڪا مسجد پاڻ ٺاهي هئائون اتي ئي سندن قرآن ڪريم پڙهائڻ جو سلسلو به شروع


 

 



[1]...سیرتِ داتا گنج بخش، صفحہ:33 ملخصاً۔