Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat
ڏيکاريندو آهي. مثال طور: مدني قافلن ۾ سفر ته ڪيان پر دڪان جو ڇا ٿيندو؟ دل ته چوي ٿي ته علم دين سکان پر ڪم ڪار کان فرصت نه ٿي ملي. دل ته چاهي ٿي ته مدرسة المدينه بالغان ۾ شرڪت ڪري درست طريقي سان قرآن ڪريم سکي وٺان پر وقت نه ٿو ملي. ائين ڪڏهن ٻارن جي فڪر ٿيندي آهي، ڪڏهن دڪان جي فڪر ٿيندي آهي، ڪڏهن ڪمن جي فڪر ٿيندي آهي، بس انهن فڪرن جي ڪري اسان ديني ڪمن کان محروم رهجي ويندا آهيون. سوچڻ جي ڳالهه آهي؛ صحابه ڪرام رضي الله عنهم، اولياء ڪرام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم، جيڪي الله جي راه ۾ سفر ڪندا هئا، ڇا انهن کي ڪو ڪم نه هوندو هو؟ ڇا انهن جو گهر نه هوندو هو؟ ڇا انهن جا ڪاروبار نه هئا؟ پوءِ به اهي بلند مرتبي وارا ماڻهو دين لاءِ وقت ڪيئن ڪڍندا هئا؟
جواب صرف هڪ ئي آهي، اهو هي ته اهي عظيم مرتبي وارا ماڻهو دنيا ۾ دنيا لاءِ نه پر آخرت لاءِ رهندا هئا. انهن جي زندگي جو مقصد دنيا ڪمائڻ نه بلڪ آخرت جون ڀلايون حاصل ڪرڻ هوندو هو. انهن جي دل ۽ دماغ تي هر وقت فڪرِ آخرت ڇانيل هوندي هئي. ان ڪري اهي دين خاطر وڏيون وڏيون قربانيون به ڏئي ڇڏيندا هئا، پري پري جا سفر به ڪري وٺندا هئا، دين جي خدمت لاءِ، الله پاڪ کي راضي ڪرڻ لاءِ، قبر چمڪائڻ لاءِ، آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ. جسم، جان، ۽ مال کي قربان ڪرڻو پوندو هو ته ان کان به نه ڪيٻائيندا هئا.
ڪاش! اسان کي به فڪرِ آخرت نصيب ٿئي، ڪاش! اسان به دنيا لاءِ نه پر آخرت لاءِ زندگي گذارڻ وارا بڻجي وڃون. حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جيڪو سڀ کان آخري خطبو ارشاد فرمايو، ان ۾ اهو به آهي ته الله پاڪ توهان کي دنيا صرف ان لاءِ عطا فرمائي آهي ته توهان ان جي ذريعي آخرت جي تياري ڪريو، ان لاءِ عطا ناهي فرمائي ته توهان ان جا ٿي ڪري رهجي وڃو. بيشڪ دنيا