Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي! کين هڪ ديني ڪم ڪرڻو آهي، جائز ڪم ڪرڻو آهي، ان جي باوجود آخرت جي فڪر آهي، اهڙي احتياط ڪري رهيا آهن، ڊڄي رهيا آهن جو مَتان ائين نه ٿئي جو مان هي سوال جو جواب ته لکي ڇڏيان پر آخرت ۾ ان جو ڪوبه فائدو نه ملي، ان لاءِ سندن پورو اهتمام ڪري رهيا آهن.

اسان جو حال ڇا هوندو آهي؟ بس دل ۾ ڪا ڳالهه اچڻ جي دير هوندي آهي...!! ناهيون سوچيندا ته ان ۾ فائدو به آهي يا ناهي، آخرت جو فائدو سوچڻ ته پري جي ڳالهه آهي، هاڻي ته ماڻهو دنيا جو فائدو به ناهن سوچيندا، بس دل ۾ آيو ۽ ڪري ورتو. * ويٺا آهيون، موبائل هٿ ۾ آهي، ڪڏهن يوٽيوب کوليو، ڪڏهن فيس بڪ کوليو، بس سڪرولنگ (Scrolling) ڪري رهيا آهيون، شارٽس ڏسي رهيا آهيون، ريلز ڏسي رهيا آهيون، فضول بلڪه گناهن سان ڀريل وڊيوز ڏسي رهيا آهيون، ڪيترائي ڪلاڪ ان ڪم ۾ گذري وڃن ٿا. ٻڌايو! ان ۾ آخرت جو فائدو ته آهي ئي نه، دنيا جو ڪهڙو فائدو آهي؟ پر اسان کي ڪير سمجهائي...!! اسان ته نفساني خواهشن جي پويان هلون ٿا، * دل چاهيو ته سيلفي ٺاهڻ شروع ڪئي * شهرت جي دل چاهي ٿي، شهرت جي پويان هلي پئون ٿا، * عزت ۽ ناموري جي دل چاهي ٿي، ان جي پويان ڊوڙي پئون ٿا، * سوشل ميڊيا تي پوسٽون لڳائي رهيا آهيون، سيلفيون ٺاهي ٺاهي اپلوڊ ڪري رهيا آهيون، * لائڪس وڌائي رهيا آهيون، * سبسڪرائبر وڌائي رهيا آهيون، * بس انهن چڪرن ۾ صبح ٿئي ٿي، انهن چڪرن ۾ شام ٿئي ٿي، عمر ائين ئي تمام(گذري) وڃي ٿي.

نَفْس و شیطان ہوگئے غَالِب                                                                   اِن کے چُنگل سے تُو چُھڑا یاربّ!

کر کے توبہ میں   پھر گناہوں   میں                                                        ہو ہی جاتا ہوں مُبتَلا یاربّ!