Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat
ڪري ڇڏيو هو. ([1]) الحمدلله! عاشقان رسول جي هيءَ ديني تحريڪ مسلمانن ۾ قرآن ڪريم جي تعليم کي عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي. افسوس اڄ مسلمانن جو هڪ وڏو تعداد آهي جن کي قرآن ڪريم پڙهڻ نٿو اچي، جيڪي پڙهي سگهندا ٿا اهي به تجويد ۽ مخارج جون اهڙيون غلطيون ڪن ٿا، جن جي سبب نماز ئي ناهي ٿيندي. مسلمانن کي درست قرآن ڪريم جي تعليم ڏيڻ لاءِ دعوت اسلامي ۾ هڪ شعبو بنام مدرسة المدينه بالغان قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن کي درست مخارج سان قرآن ڪريم پڙهڻ جي تعليم ڏني ويندي آهي. قرآن ڪريم پڙهڻ پڙهائڻ جا وڏا فضائل آهن. حديث پاڪ ۾ آهي: توهان مان بهتر اهو آهي، جيڪو قرآن سکي ۽ سيکاري. ([2]) هڪ ٻي روايت ۾ آهي: جنهن شخص قرآن ڪريم سکيو ۽ سيکاريو ۽ جيڪو ڪجهه قرآن ڪريم ۾ آهي، ان تي عمل ڪيو، قرآن ڪريم ان جي شفاعت ڪندو ۽ جنت ۾ وٺي ويندو. ([3])
انهن فضيلتن کي حاصل ڪرڻ ۽ قرآن ڪريم کي صحيح طريقي سان پڙهڻ لاءِ جلد کان جلد مدرسة المدينه ۾ داخلا وٺو. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
یہی ہے آرزو تعلیمِ قرآں عام ہوجائے ہر اِک پرچم سے اونچا پرچمِ اسلام ہو جائے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد