Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat

کڻي آيا، جڏهن قباء جي مقام تي پهتا ته اتي مسجد قباء جي بنياد رکي، وري مدينه منوره تشريف کڻي آيا ته اتي مسجد نبوي شريف تعمير فرمائي.[1]

خير! حضور داتا گنج بخش رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لاھور اچي ڪري مسجد ٺاهي، انهيءَ ۾ پنهنجي طرفان رقم به خرچ ڪئي ۽ پاڻ مزدورن جيان ان جي تعمير ۾ حصو به ورتو. جڏهن هي مبارڪ مسجد تعمير ٿي رهي هئي ته بظاہر ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ هن مسجد جو قبلو درست ناهي، محراب ڏکڻ طرف جھڪيل آهي، سو ماڻهن ان تي اعتراض ڪيو، لاھور جي رهڻ وارن عالمن تشويش ظاهر ڪئي پر داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  خاموش رهيا.

 جڏهن مسجد تعمير ٿي وئي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سڀني عالم سڳورن کي مسجد ۾ گڏ ڪيو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه امامت جي لاءِ تشريف وٺي آيا، سڀني علماءِ ڪرام کي نماز پڙھائي، سلام ڦيرڻ کان پوءِ فرمايو: ڏسو! ڪعبو شريف ڪهڙي طرف آهي؟ هي چوڻ هو جو مسجد ۽ ڪعبي شريف جي وچ ۾ جيترا پردا هئا، سڀئي کَڄي ويا ۽ ڏسڻ وارن ڏسي ورتو ته ڪعبو شريف مسجد جي محراب جي بلڪل سامهون نظر اچي رهيو آهي۔([2])

آفتابِ فیض ہے تُو، فَقر کا مہرِ مُنِیر                                          صاحِبِ تاجِ کرامت، مُلْکِ معنیٰ کا امیر

طَالِبوں کا قبلۂ جاں، عَارِفوں کا زندہ پیر                       نَامُرادوں کی مُراد اور بیکسوں کا دستگیر

گَنْج بَخْشِ فِیْضِ عَالَم مَظہرِ نُورِ خُدا

نَاقِصَاں رَاپیرِ کَامِل، کَامِلَاں رَا رَہْنما

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1] سیرت مصطفیٰ، ص351۔

[2]...خزینۃ الاصفیاء(اردو)،جلد:1، صفحہ:174 بتصرف۔